نواز شريف جي وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي، هاڻي زرداري جو وارو آ: عمران خان

سيوهڻ (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان چيو ته ڪرپشن ۽ زرداري هڪ ئي نالو  آهي پر اسان کي گڏجي ان ڪرپٽ معافيا جو مقابلو ڪرڻون آهي جڏهن ته نوازشريف جي وڪيٽ ڪري پئي  ۽ هاڻِ زرداري جو وارو آهي، پاڪستان  جو سڀ کان وڏو مئسلو ڪرپشن آهي ، پاناما ڪيس جي ڪري پهريون ڀيرو پاڪستان جي ماڻهن کي ڳالهه دماغ ۾  ويٺي آهي ته ڪرپشن ڇا آهي. سنڌ ڪرپشن کان  سڀ کان و ڌيڪ متاثر ٿيو، ڇو ته ڪرپشن ۽ زرداري هڪ ئي شئي جا ٻه نالا آهن، پاڪستان ۾ روزانون ٻه ارب رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، جڏهن ته ساليانون چار هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، جيڪڏهن اسان انکي ختم ڪريون ته عوام جا سمورا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي مسئلا به حل ٿي سگھن ٿا، پنجاب جي استپالن ۾ جڳهه نه هجڻ جي ڪري مائرون رستن تي  ويم ڪري رهيون آهن، شهباز قلندر جي مزار تي ڌماڪو ٿيو ته هتي اسپتال نه هجڻ جي ڪري ماڻهن کي ڏورانهين شهرن ۾ کڻي وڃڻو  پيو، ملڪ ۾ استپال نه هئڻ جو سبب پيسو نه هجڻ آهي. جيڪڏهن اسان ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪريون ته اهي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.  مان سنڌ  گھميو آهيان جيتري غربت سنڌ ۾ آهي ايتري ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ناهي، ان جو  سبب آصف زرداري آهي. جيڪو ڪرپشن جو بادشاهه آهي. آصف زرداريءَ جي چوري، ڌاڙا ۽ قتل ڪرائڻ تي مڪمل ڪتاب آهي. عزير بلوچ جي آئي ٽي کي ٻڌايو آهي ته زرداري جي ڀاءُ مظفر ٽپي سان گڏجي شگر مل تي قبضو ڪيو ۽ اهڙي طرح مرتضيٰ ڀٽو جا گھر ڀاتي چون ٿا ته زرداري ان کي قتل ڪرايو هو. سنڌ پوليس کي غريبن کي ڊيڄارڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ پوليس کي به ڪي پي ڪي جي پوليس وانگر بڻائينداسي. نوازشريف ملڪ بدران پنهنجي خاندان کي ايشين ٽآئيگر بڻائي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي  سنڌ جي وڏي وزير جي اباڻي شهر سيوهڻ ۾ عام جلسي کي خطاب  ڪندي ڪيو، جلسي  کي شاهه محمود قريشي ، ڊاڪٽر عارف علوي، لياقت جتوئي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو، عمران خان چيو ته ايف بي آر 3500 ارب جو ٽيڪس گڏ ڪري ٿو، جڏهن ته 3200 ارب جي ڪرپشن ڪري ٿو جيڪڏهن اسان ڪرپشن جي ڪنٽرول ڪريون ته اسان وٽ عوام کي سموريون سهولتون ملي سگھن ٿيون، جڏهن مشرف  جو اقتدار ختم ٿيو ته هر پاڪستاني 25 هزار جو قرضي هيو، اڄ هر پاڪستاني هڪ لک ويهه هزار جو قرضي آهي. زرداريءِ ۽ نوازشريف عوام کي قرضن ۾ ڦاسائي ڇڏيو.  پاڪستان مان هر سال هڪ هزار ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي جيڪڏهن هي ناڻون ملڪ ۾ خرچ ٿئي هان ته هتي روڊ رستا ٺهن هان، فيڪٽريون لڳن هان ۽ نوجوانن کي روزگار ملي هان پر مني لانڊرنگ جي ڪري اسانکي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ قرض وٺڻون پوي ٿو ۽ قرض جي قسط ڏيڻ جي لاءِ عوام تي ٽِيڪس لڳي ٿو. مهانگائي وڌي ٿي ۽ عوام وڌيڪ قرض سبب پريشان ٿئي ٿو، هن آصف علي زرداري تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته سندس چوڻ تي عزير بلوچ بلاول هائوس جي ڀرپاسي جا زبردستي گھر خالي ڪرايا، عزير بلوچ  ماهوار فريال ٽالپر کي ڀتو ڏيندو هو، عمران خان چيو ته اسان بلاول کي ڪي پي ڪي ۾ جلسن کان ناهي روڪيو پر اسانکي سيوهڻ ۾ جلسي کان جھليو ويو. انشآءَ الله هاڻي سنڌ ۾ به اسان اليڪشن کٽنداسين ۽ هتي به غير سياسي پوليس بڻائينداسي. پ پ پ اڳواڻ پوليس کي ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. سيوهڻ جا ساٿيون اسانکي گڏجي ڪرپٽ معافيا جو مقابلو ڪرڻون آهي، اڄ ڪي پي ڪي سڀني صوبن کان وڌيڪ پر امن آهي. اسان اها پوليس بڻائينداسي جيڪا طاقتور جي نه پر ڪمزور جي مدد ڪندي. عمران خان چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ اسان جي پارٽِي جي ماڻهن تي ايف آئي آر ڪٽرايو ويون اسان ڪنهن سياسي  پارٽي جي ماڻهن تي ايف آئي آر ناهي ڪٽرائي، هن چيو ته مان چوٿين گريڊ جو ملازم به ڪي پي ڪي ۾ خود ناهي رکرايو، عمران خان سيوهڻ وارن کي چيو ته اسان کي حڪومت ملي ته مان هر ڪمزور طبقي سان گڏ هوندس، هر هاري آبادگار ۽ هر نوجوان سان گڏ هوندس، طاقتور ۽ ڪمزور کي گڏ بيهاريندس. اڄ ڪي پي ڪي ۾ غربت اڌ ختم ٿي وئي آهي جنهن سبب اسان سڌارا آهن.  اسان اسپتالون ٺيڪ ڪيون، صوبي جي سٺ سيڪڙو ماڻهن  کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا، اسڪولن جو نظام ٺيڪ ڪيو ، هاڻي 100 سڪيڙو اسڪول ۾ استاد موجود آهن، 40 هزار ماڻهن کي ميرٽ تي ٽيچر ڀرتي ڪيو، ٻنهي جماعتن ڇهه ، ڇهه دفعا حڪومت ڪئي اسان صرف هڪ واري ورتي آهي ۽ ساڍا ٽي سئو ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن ، جنهن مان غريبن کي گھٽ قيمت بجلي ملي رهي آهي. عمران خان اعلان ڪيو ته چين وانگر اسان به پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍنداسي، اسان ڪي پي ڪي ۾ هڪ ارب وڻ پوکيا آهن ته جيئن ماحول بهتر ٿئي پر سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪنهن انسان ۽ ماحوليات جو ناهي سوچيو ، منڇر ڍنڍ تباهه ٿي ويو آهي، اقتدار مليو ته هر صوبي ۾ هڪ هڪ ارب وڻ لڳائندس، سيوهڻ وارا مان اوهان سان وچن ڪريان ٿو ته  ملڪ ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي. نوازشريف سان گڏ  ٻيا به ڪيترائي ماڻهون به چوندا ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو ، نواز کان پوءِ شهباز کي نه اچڻ ڏينداسي، ان جي خلاف حديبيا پيپر مل جو ڪيس آهي، 21 سالن کان عوام کي اٽي لٽي ۽ اجھي جي نالي تي ڌوڪو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اڳوڻي چيرمين نيب جي مطابق هڪ ڏينهن 12 اربن رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، ڪرپشن جي ڪري هر شئي تي ٽِڪس لڳايو پيو وڃي. جيڪڏهن اها ڪرپشن روڪي وڃي ته ملڪ کي قرض نه وٺڻون پوي. سنڌ جي حڪمرانن پنهنجي لاءِ محل بڻائي ورتا آهن جڏهن ته عوام جي حالت ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي. جلسي ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *