آءِ سي سي پنهنجي پوزيشن تي نظرثاني ڪري:ولسن مناس

لاهور (اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ولسن مناس آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ واري موقف بابت پنهنجي پوزيشن تي نظرثاني ڪري.  هڪ ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ ولسن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي ڪري ڊنل آهن اهي اسان جي پاڪستان جي دوري دوران اچي حالتون ڏسي وڃن. هن چيو ته زمبابوي جي اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميٽي پرڏيهي وزارت سان صلاح ڪئي ۽ اتي ڪنهن چيو ته پاڪستان جو دورو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو، خاص طور تي ڪراچي ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو، ان کان کٽڪا وڌي ويا هئا. مون ڪميٽي جي آفيسرن سان ملاقات ڪرڻ چاهي پر اتان جواب آيو ته اسين مصروف آهيون، اسان وٽ وقت ناهي، ٽيم جي روانگي ۾ باقي ٻه ڏينهن هئا. مون حڪومت ۾ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهايو ۽ انهن دوري جي اجازت ڏئي ڇڏي. ولسن وڌيڪ چيو ته آءٌ دنيا خاص طور تي ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي، اسان جي آءِ سي سي جي ميمبرن کي درخواست ڪرڻ گھرجي ته اهي ان حوالي سان پنهنجي پوزيشن تي نظرثاني ڪن. هن چيو ته آءِ سي سي وارا هتي ايندا تڏهن ئي کين خبر پوندي ته ڪرڪيٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا ويا آهن. اسان جو پاڪستاني عوام به ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو آهي، پاڻ کي تمام گھڻو محفوظ محسوس ڪري رهيا آهيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *