پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ۾ ڪيترائي نوان رڪارڊ جوڙي ورتا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ۾ ڪيترائي نوان رڪارڊ جوڙي ورتا، ڪالهه قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ون ڊي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيم جي پهرن چئن بيٽسمينن هڪ ئي اننگ ۾ سَتر کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ جوڙيو. پاڪستان طرفان اوپنر محمد حفيظ ۽ اظهر عليءَ ترتيبوار 86 ۽ 79 رنسن جي اننگ کيڏي، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ هارس سهيل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ترتيبوار 112 ۽ 89 رنسن جي اننگ کيڏي. شعيب ملڪ زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندي بهترين نموني ٽيم ۾ واپسي ڪئي. شعيب ملڪ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 2 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 70 بالن تي پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي، ياد رهي ته شعيب ملڪ پاڪستان ون ڊي ٽيم ۾ ٻِن سالن کان پوءِ واپسي ٿي، جڏهن ته شعيب ملڪ 6 سالن جي ڊگھي وقت کان پوءِ سينچري ٺاهي. جڏهن ته پاڪستان ٽيم قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان کان اڳ پاڪستان جي قذافي اسٽيڊيم ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور وارو رڪارڊ 322 رنسن جو هو.جڏهن ته زمبابوي خلاف ان ئي ميچ ۾ ڪپتان اظهر عليءَ ۽ محمد حفيظ پهرين وڪيٽ جي ڀائيواريءَ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي 170 رنسن جي رڪارڊ ڀائيواري جوڙي، اهڙيءَ طرح قذافي اسٽيڊيم ۾ سڀ کان ڊگھي اوپننگ ڀائيواري جو به عالمي رڪارڊ جوڙيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *