شعيب ملڪ جي سينچري تي الله تعاليٰ جي شگر گذار آهيان: ثانيا مرزا

حيدرآباد دکن(اسپورٽس نيوز)ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ گهڻي عرصي کان پوءِ سينچري ٺاهڻ تي شعيب ملڪ جي گهر واري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئٽر اڪائوٽ تي ثانياز مرزا جو چوڻ هو ته زمبابوي خلاف شعيب ملڪ جي بهترين سينچري تي هو الله تعاليٰ جي شگر گذار آهي. ثانيا مرزا وڌيڪ چيو ته هو شعيب ملڪ جي ڪارڪردگي تي بيحد خوش آهي. انسان جي محنت ضرور رنگ لائيندي آهي. واضح رهي ته قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ زمبابوي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ ون ڊي مئچ جي سيريز جي پهرين مئچ ۾ شعيب ملڪ 76 بالن تي 112 اسڪور ڪيو، جنهن ۾ 2 ڇڪا ۽ 12 چوڪا به شامل آهن. شعيب ملڪ جي ون ڊي ڪيريئر جي هي ستين سينچري هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *