آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه هڪ درجو ترقي ڪري ٽين پوزيشن تي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪالهه نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ٽيسٽ سيريز ۾ سريلنڪن بيٽسمينن کي لوها چڻا چٻرائيندڙ ياسر شاهه هڪ درجو ترقي ڪري ٽين پوزيشن تي اچي ويو آهي. آءِ سي سيءَ جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ لارڊز ٽيسٽ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جاري ڪئي وئي هئي. آءِ سي سي ٽيسٽ ريڪنگ جي بيٽسمينن ۾ آسٽريليا جو بيٽسمين اسٽيو سمٿ ڏکڻ آفريڪا جي رانديگر اي بي ڊي وليئرز کان ٽاپ پوزيشن کسي ورتي آهي. بيٽنگ ۾ يونس خان ستين ۽ مصباح الحق چوڏهين پوزيشنن تي آهن. پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان اظهر علي ۽ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد ٽاپ ٽوئنٽي بيٽسمينن ۾ شامل آهن. سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ مين آف دي سيريز رهندڙ ياسر شاهه جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجو ترقي ٿي  آهي. ليگ اسپن گوگلي بالر رينڪنگ ۾ ٽين پوزيشن تي ماڻي ورتي آهي. ڏکڻ آفريڪا جو ڊيل اسٽين بالرن ۾ پهرين ۽ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ٻئي نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *