سنڌو درياهه ۾ وچولي ٻوڏ ۽ انتظاميه!

 

سنڌو درياهه ۾ وچولي ٻوڏ، چترال ۾ تباهي، پلون ۽ سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، هزارين ماڻهو ڦاٿل پاڪ فوج امدادي ڪمن ۾ مصروف،چترال ضلعي جو 2 تعلقن ڪيلاش ۽ گرم چشما سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گهر متاثر، ايشون پاور هائوس به ٻڏي ويو، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڊپٽي ڪمشنر چترال امين الحق چيو آهي ته ٻوڏ سبب درياهه چترال جون درجنين پلون لڙهي ويون آهن، ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، صوبائي، وفاقي حڪومتون ۽ مختلف سماجي تنظيمن کي بحالي جي ڪمن ۾ تعاون جي اپيل ڪئي وئي آهي. چترال شهر ۽ آس پاس ۾ مسلسل برسات سبب مولکو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب سب ڊويزن مستوج کي چترال سان ملائيندڙ پل پاڻي ۾ لڙهي وئي، جنهن سبب 10 يونين ڪائونسلن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو هوڏانهن پاڪ فوج به ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ  مصروف آهي. آءِ ايس پي آر موجب  پاڪ فوج طرفان امدادي سرگرميون جاري آهن، 8 ٽن کاڌي پيتي جون شيون چترال موڪليون ويون آهن، جيڪي گرم چشما ڪيلاش ويلي ۽ چترال ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ تقسيم ڪيون وينديون  هوڏانهن ليا ويجهو سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، گڊو بئراج وٽ  وچين ۽ سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ جو وهڪرو جاري، ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي علائقا ٻوڏ جي ريلن جي ور چڙهي ويا. بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻار فوت ۽ 4 زخمي، زوب ۾ ڊي سي جي گاڏي لڙهي وئي، ڊرائيور سوڌو 3 ليويز اهلڪار زخمي ٿي پيا، ٻوڏ جو پاڻي شهر ۾ داخل ٿي ويو، چترال جي بروزگول ندي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ اچي وئي. چترال، پشاور روڊ اچ وڃ لاءِ بند ٿيڻ سبب سوين گاڏيون ڦاسي ويون. هوڏانهن استور جا ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا. چترال ۾ بروزگول جي ندي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري چترال پشاور روڊ جي اچ وڃ لاءِ ٻيهر کان رستا بند ۽ سوين گاڏيو ڦاسي ويون.نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اعليٰ عهديدارن ڳري مشينري سان روڊ بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. استور ۾ گذريل ٽن چئين ڏينهن کان پوندڙ برسات ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ استور جا ننڍا ننڍا ڳوٺ ٻوڏ جي ڪري تباهي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.جن ۾ گوريٽوٽ ڳوٺ کي گهڻو نقصان پهتو آهي. پاپا نوٽ ڳوٺ ۾ ٻنيون ۽ گهر متاثر ٿيا آهن،گوريٽوٽ ۾ ٻوڏ سبب رابطي واري پل ٻڏي وئي آهي، سکر ۾ سنڌو دريا ۾ گڊو بئراج تي هيٺئين سطح جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جو نيڪال 3 لک 10 هزا 720 ڪيوسڪ ۽ نيڪال2 لک 52 هزار 335ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. راجن پور ۾ سنڌو دريا سنڌ ڪوٽ مٺن جي هنڌ تي پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو وڌاٿي رهي آهي.  ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ برساتن کانپوءِ درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پنجاب، آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برساتن سبب درياهن ۽ نالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي اهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ برساتن کانپوءِ چترال ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي. چترال جي ڊي سي امين الحق جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن تيز برساتن سبب ڪيتريون ئي پلون لڙهي ويون آهن، جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ اسڪائوٽس جا جوان چوڪس آهن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق جهلم درياهه ۾ منگلا، ڪابل درياهه ۾ نوشهره، چناب درياهه ۾ ٽي منهين ۽ سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ واري هنڌ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽ مٺڻ واري هنڌ پاڻي ۾ لاڳيتو چاڙهه اچي رهيو آهي، جتان هن وقت 4 لک 17 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي، راجن پور ۾ ڪوهه سلمان تي برساتن سبب ندين نالن ۾ ٻوڏ آيل آهي. تونسا بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، هن وقت هيڊ تونسا وٽ پاڻي جي پهچ 3 لک 74 هزار 210 ۽ نيڪال 3 لک 52 هزار 710 ڪيوسڪ آهي، جنهن ۾ آهستي آهستي چاڙهه اچي رهيو آهي. ڊي سي مظفر ڳڙهه جو چوڻ آهي ته هيڊ تونسا وٽان اڄ رات 5 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذرڻ جو امڪان آهي، ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ سنڌو درياهه ويجهو 18 ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، روجهاڻ جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ريت گڊو وٽ به درياهه ۾ چاڙهه سبب رونتي واري علائقي ۾ 4 ڳوٺ ٻڏي ويا، جنهن کانپوءِ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڳوٺن جو انگ 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 50 ڳوٺن جو ٻين علائقن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *