آءِ جي سنڌ سميت ٻين آفيسرن جي معافي رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالت جو گهيراءُ ۽ صحافين تي تشدد واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ سميت سمورن  پوليس عملدارن جي غير مشروط معافي کي رد ڪندي مٿن 28 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عدالت چيو آهي ته عدالت جو گهيراءُ ڪندڙ سمورن ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ تائين آءِ جي کي معافي نه ملندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ عدالت جو گهيراءُ ۽ صحافين تي تشدد واري ڪيس ۾ توهين عدالت نوٽيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ٻيا عملدار پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ  پيش ٿيا. فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا پوليس عملدار غير مشروط معافي وٺڻ چاهين ٿا، جنهن تي عدالت چيو ته معافي جي ڪابه گنجائش نه  رهي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته منظم سازش تحت عدالت جو گهيراءُ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سمورن عملدارن سان رابطو ڪيو پر انهن جواب  نه  ڏنو، جنهن مان ثابت ٿي ويو آهي ته سڀ عملدار ڳٺ جوڙ ۾ شامل هئا. عدالت چيو ته عدالت جي احترام تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. عدالت واقعي ۾ ملوث سمورن پوليس عملدارن ۽ هٽايل ايس ايس پيز فيصل بشير ميمڻ، فداحسين جانوري، طارق ڌاريجو، رئيس غني ۽ ذيشان بٽ کي به حلف ناما جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اڄ ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ. ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ 23مئي تي وقتي ڊي آءِ جي ڏکڻ فيروز شاهه حلف نامه جمع ڪرايا. چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري به لکت ۾  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب داخل ڪرايا آهن. چيف سيڪريٽري جواب ۾  چيو آهي ته عدالت جي گهيراءُ جو حڪم ڪنهن ڏنو، ان بابت کيس ڪابه ڄاڻ نه آهي. چيف سيڪريٽري جواب ۾ چيو آهي ته ايس ايس يو جي ايس پي رٽائرڊ ميجر سليم پنهنجي صوابديد تي ڪارروائي ڪئي ۽ هن صحافين تي تشدد جو ڪوبه حڪم نه ڏنو هو. چيف سيڪريٽري چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ آڏو تشدد بابت پوليس ئي بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، حڪومت آءِ جي سنڌ جي نشاندهي تي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي. گهرو سيڪريٽري مختيار سومري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته 23مئي تي هن ڪنهن کي به عدالت جي گهيراءُ جو حڪم نه ڏنو هو ۽ نه ئي نقاب پوش اهلڪارن جي مقرري جو حڪم جاري ڪيو هو. گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز ڏسي ذميوار پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته ايس ايس يو جي ايس پي ميجر رٽائرڊ سليم ۽ ايس ايڇ او پريڊي سميت 15 ڪمانڊوز کي معطل ڪيو ويو آهي. گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته معاملي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *