دفاع لاءِ 772 ارب رکڻ جو فيصلو، وفاقي ڪابينا بجيٽ دستاويز جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ مالي سال 16 -2015ع لاءِ بجيٽ حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ عام ماڻهن جي ڀلائي تي ٻڌل هجڻ گهرجي ته جيئن وڌندڙ اقتصادي استحڪام جي ثمرن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، وزيراعظم ان ڳالهه جي واکاڻ ڪئي ته معيشت جي اهم اشارن ۾ نمايان بهتري آئي آهي جيڪو ٻه سال اڳ ۾ هيٺين سطح تي هئا، هن چيو ته ٽيڪسن جي بنياد کي وسيع ڪرڻ لاءِ اوڳاڙين ۾ اضافي لاءِ ٽيڪس تجويزون تيار ڪرڻ وقت جامع قدم کنيا وڃن، هن چيو ته هڪ اهڙو نظام جوڙيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ بدعنواني ۾ گهٽتائي ٿئي ۽ عوام رضاڪاراڻي طور تي ٽيڪس ادا ڪري. وزيراعظم ملڪ ۾ وڌيڪ ترقي ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ تي ناڻي واري وزير ۽ سندسٽيم کي مبارڪباد ڏني، هن پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلڻ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته بئنڪاري نظام جي ذريعي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي مدد ڪئي وڃي، وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته وياج جي شرح 8 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 7 سيڪڙو ڪرڻ سان سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪابينا اها ڳالهه محسوس ڪئي ته جاري منصوبن جا فائدا ايندڙ پنج کان 10 سالن ۾ حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام جي مجموعي خوشحالي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، هن چيو ته نوجوانن لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافي لاءِ جي ڊي پي گروٿ جو موجوده رجحان جاري رهڻ گهرجي، هن چيو ته ملڪي معيشت جي وڌيڪ استحڪام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندي زراعت ۽ مصنوعات سازي جي شعبن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، ان کان اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ناڻي واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا جي ميمبرن کي ايندڙ بجيٽ جي تجويزن جي تياري جي سلسلي ۾ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت وڏي پاليسي قدمن تي ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ تيزي سان ترقي آڻڻ آهي، ناڻي واري وزير چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت معاشي معيشت ڪمزور هئي، ناڻي واڌ 12 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي، مالياتي خسارو 8.8 سيڪڙو هو تنهن هوندي به حڪومت جي اقتصادي پاليسين جي ڪري معيشت ترقي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته اسان مالي خسارو گهٽ ڪري 4 سيڪڙو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرا وڌائي 20 ارب ڊالر ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان ٽيڪس – جي ڊي پي شرح جو 13 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي ۽ روانگي واپار جو هدف 32 ارب ڊالر رکيو آهي، هن ڪابينا کي ٻڌايو ته ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين ۾ 14 -2013ع جي دوران 2226 ارب روپين جو اضافو ٿيو جيڪي سال 13 -2012ع ۾ 1946 ارب روپيا هيون، گذريل 10 مهينن ۾ ٽيڪس وصوليون وڌي 1968 ارب روپيا تي پهتيون، هن چيو ته اسان پهرين سال 4.02 فيصد جي ڊي پي گروٿ ريٽ حاصل ڪيو ۽ موجوده سال جي دوران 4.24 سيڪڙو گروٿ ريٽ حاصل ڪنداسين جيڪو گذريل 7 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته اسان بجيٽ خسارو موجوده سال دوران گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سال 13- 2012ع دوران 13 سيڪڙو هو، هن چيو ته پرڏيهي ملڪ مان ايندڙ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو هلندڙ مالي سال جي جولائي کان اپريل جي مدي دوران 14.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي جيڪو 16.06 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي 17.5 ارب ڊالر ٿي ويا آهن، ناڻي واري وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته هي بجيٽ مجموعي معيشت ۽ روزگار جي موقعن جي بهتري لاءِ حوصلي افزا مراعتون آڻيندي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بجيٽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترقياتي حڪمت عملي کي پوري ڪندي، هن چيو ته اسان معيشت جي مختلف شعبن جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جو مناسب وقت آهي جيڪي تيزي سان ترقي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ اهڙي وقت ۾ جڏهن وياج جي شرح تاريخي طور تي گهٽ آهي، اسان ترقياتي ڪمن جي حوصلا افزائي لاءِ وڌيڪ گنجائش رکي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *