وزيراعظم ۽ چوڌري نثار ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ ملاقات، ملڪي معاملاي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ چوڌري نثار ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ ملاقات دوران ملڪي معاملي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار سڪيورٽي معاملن جو انچارج ۽ آزاد آهي، ڪراچي آپريشن ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي، ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، گورنر ڪي پي ڪي سردار مهتاب عباسي، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اسحاق ڊار، پرويز رشيد ۽ ٻين  ن ليگ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پارٽي قيادت سان خدشن بابت وزير اعظم نواز شريف کي آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم سندس سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف ۽ چوڌري نثار ملڪي معاملا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزير اعظم نواز شريف چيو ته ملڪي مسئلا گڏجي حل ڪري سگهجن ٿا، جيستائين سڀ وزير گڏجي ڪم نه ڪندا، تيستائين ملڪي مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چوڌري نثار سڪيورٽي معاملن جو انچارج ۽ آزاد آهي، ڪراچي آپريشن ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم آهي. گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته هن هميشه ملڪي مفادن کي اهميت ڏني آهي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال تي ويچاريو ويو، جڏهن ته ڪراچي  جاري ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ ٻن وڪيلن جي قتل واري معاملي تي به غور ڪيو ڪيو ويو. واضح رهي ته گذريل ڊگهي عرصي کان گهرو وزير چوڌري نثار نون ليگ قيادت کان ناراض هو، جنهن سبب هن اهم اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *