آءِ ايم ايف پروگرام خطري ۾ آهي: گورنر اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اين اين آءِ) گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر رضا باقر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف مطالبا پورا نه ٿيا ته آءِ ايم ايف پروگرام معطل ٿي سگهي ٿو ڪراچي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ معاشي تجزيه ڪارن جي برينگ دوران اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ايف اي ٽي ايف شرط پورا ڪرڻ لاءِ خاص ٽيم ڪري رهي آهي ايف اي ٽي ايف جي ڪري آءِ ايم ايف پروگرام خطري ۾ آهي ايف اي ٽي ايف جا مطالبا پورا نه ٿيا ته آءِ ايم ايف پروگرام معطل ٿي سگهي ٿو ايف اي ٽي ايم مطابق حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ايف اي ٽي ايف ملڪن جي مدد لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان حوالي سان سياستدانن جي ذريعي ميمبر ملڪن سان رابطو ڪيو ويو آهي رضا باقر چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ڪري بچت ۽ خرچن ۾ وڏوخال پيدا ٿيو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي زيرو نه ڪيو ويندو حڪومتي خرچ وڌڻ ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي سان قرضن ۾ اضافو ٿيو ٽيڪس اڳاڙي ۾ گهٽتائي سان مالياتي خساري ۾ واڌ ٿي هن چيو ته پاڪستاني معيشت جي ڀيٽ مصر سان نٿي ڪري سگهجي پاڪستان پنهنجي معيشت کي دستاويزي بنائڻ چاهي ٿو ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي عوام جي قوت خريد بحال ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *