نيب انڌو قانون آهي، حڪومت وڊيو جو دفاع ڪندي يوٽرن ورتو: ن ليگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوامي راءِ جي شموليت کان سواءِ  ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ماڻهو اسان کي چئي رهيا آهن ته هن حڪومت مان جان ڇڏرايو. نواز شريف جيل ۾ آهي پر عوام هاڻ به اسان سان گڏ آهي، ملڪ ترقي رڳو تڏهن ڪندو جڏهن عوام جي راءِ شامل هوندي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر چيو آهي ته اڄ جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار رڳو حڪومت آهي انصاف نه ٿيندو ته ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي. شاهد خاقان چيو ته نواز شريف قانون جي بالادستي جي لاءِ ملڪ ۾ واپس آيو هو، هو پاڻ چوي ٿو ته مون کي بليڪ ميل ڪيو ويو آهي اڄ ڪٺهڙي ۾ نواز شريف کي نه وزير اعظم کي هئڻ گهرجي. ن ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته مون ڪهڙي ڪرپشن ڪئي آهي، حڪومت هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ثبوت پيش نٿي ڪري سگهي، مون تي الزام لڳائڻو آهي ته سامهون لڳايو هڪ سال ٿي ويو آهي حڪومت کي ادارا انهن جا آهن، گرفتار ڪرڻو آهي ته ڪيو. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته الله جو شڪر آهي اڄ عوام اسان سان گڏ آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام لڳائڻ سان ملڪ نه هلندو، ملڪ کي هلائڻ وڏي ذميواري جو ڪم آهي، اسان نوجوانن جي روزگار جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون.  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ويڊيو جو دفاع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪلهه ويڊيو جي معاملي تي سڀ کان وڏو يوٽرن ورتو، هن چيو ته ان ويڊيو سان حڪومت ڪو به تعلق ناهي. اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن دعويٰ ڪئي حڪومت پنهنجي طور تي ويڊيو کي چيڪ ڪرائي چڪي آهي، ان ويڊيو جو فرانزڪ ڪرائي ورتو آهي، حڪومت کي به خبر آهي ته ويڊيو ٺيڪ آهي، تڏهن ئي عمران خان چيو ته ويڊيو سان حڪومت جو تعلق ناهي، عدليه پاڻ ڏسي، اهو بيان انڪري ڏنو ويو ته حڪومت کي خبر پئجي وئي ته ويڊيو ۾ ڪا به ٽيمپرنگ ناهي. شاهد خاقان چيو ته ثبوت عوام جي عدالت ۾ رکي ڇڏيو آهي، جنهن سان نواز شريف جي سزا قانوني ۽ اخلاقي طور تي ختم ٿي وئي آهي، کيس جيڪا سزا ڏني وئي ان جي هاڻ ڪا به قانوني حيثيت ناهي رهي، اسان ويڊيو پيش ڪئي، پر ڪنهن تي الزام نه هنيو، ويڊيو کان انڪار ناهي ڪيو ويو، اسان جيڪا ويڊيو پيش ڪئي، اها ئي ڪافي آهي، وڌيڪ ويڊيوز جي ضرورت ناهي، جيتوڻيڪ ن ليگ وٽ ان کانسواءِ به ڪيئي ويڊيوز آهن پر ڪنهن به اداري سان اختلاف نٿا چاهيون. هن چيو ته احتساب جي حقيقت به عوام آڏو اچي چڪي آهي، سوال اهو آهي ته ويڊيو کانپوءِ عدالتي سزا جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ نيب انڌو قانون آهي، جيڪو سدائين سياستدانن خلاف استعمال ٿيو آهي، جنهن ملڪ ۾ انصاف جو نظام شڪي ٿي وڃي اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت جي احتساب جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون آهن. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته ويڊيو ٽيپ احتسابي نظام تي سنگين الزام لڳائي ڇڏيا آهن، اعليٰ عدالتن کي ان معاملي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، اسان ري ٽرائل جي ڳالهه ناهي ڪئي، اسپيڪر جو وس هلي ته اسيمبلي تي ئي پابندي هڻي ڇڏي يا ان کي بند ڪري ڇڏي، اسپيڪر نٿو چاهي ته اسيمبلي هلي، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ ان تي ڪارروائي ٿئي. هن چيو ته اسان اهو پڻ چيو ته سياسي ڪيس آهن، ان تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ماتحت عدليه ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جون رپورٽون ۽ ناڻي واري وزير جي رپورٽن ۾ تضاد آهي، آءِ ايم ايف جي رپورٽ تي تفصيلي پريس ڪانفرنس رکنداسين، ان تضاد کي عوام آڏو رکنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *