نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي پابندي. پاڪستان کي ايندڙ مهيني بجليءَ جا اگهه اڍائي رپيه في يونٽ وڌائڻا پوندا: آئي ايم ايف

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان ايندڙ مهيني کان بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا آءِ ايم ايف جي اسٽاف سطح جي هن رپورٽ ۾ وڏو انڪشاف ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي 516 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ جي دعويٰ جي ابتڙ ٽيڪسن جو اصل کاتو رڪارڊ 733 ارب 50 ڪروڙ رپيا آهن رپورٽ ۾ چيو ويو ته 16 مئي کان پاڪستان اوپن ايڪسچينج لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاسڪتان ان حقيقت جو اظهار نه پيو ڪري 39 مهينن جا 6 ارب ڊالر پئڪيج تحت ڪائي نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم متعارف ڪرائڻ تي به مستقل پابندي هوندي پاڪستان تازو ئي جنرل سيلز ٽيڪس جي جڳهه تي ويليو ايڊيٽ ٽيڪس لڳائڻ جو پابند اهي آءِ ايم ايف اسٽاف سطح جي رپورٽ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي پاڪستان کي 6 ارب ڊالر جي منظوري جي پنجن ڏينهن کان پوءِ جاري ڪئي آهي آءِ ايم ايف لاڳو شرطن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي مانيٽر ڪندي جن مان هڪ اها آهي ته ايف آ3 آرکي سيپٽمبر جي آخر تائين 1.071 ٽريلين رپيا ٽيڪسن جي مد ۾ جمع ڪرائڻا پوندا ته جيئن ايف بي آر ايندڙ سال جون تائين 5.503 ٽريلن سالياني حدف کي اصل ڪري سگهي آءِ ايم ايف موجب ايف اي ٽي ايف جي سفارشن تحت پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي ۾ مالي مدد روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رپورٽ ۾ وڌيڪ انبڪشاف ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف جي شرط تي صارفين کان واڌو آمدني جي مد ۾ 150 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ 11 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي ٻي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ آگسٽ جي آخر کان اڳ لاڳو ٿي ويندي. آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط مطابق حڪومت ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ لا3 ڊسمبر جي آخر تائين پارليامينٽ ۾ ترميمي نيپرا ايڪٽ آڻڻ جي پابند هوندي.

آءِ ايم ايف قسط جاري ڪرڻ سان گڏ شرطن جي ڊگهي لسٽ هٿ ۾ ڏئي ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان مستقبل ۾ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم نه ڏيندو، حڪومت سيپٽمبر تائين سگريٽس تي ايڪسائيز لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاءِ لائسنس جاري ڪندي، پاڪستان آڪٽومبر تائين ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽن مان نڪرڻ لاءِ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ جي فريم ورڪ تي اثرائتا قدم کڻندو، هر قسم جون ٽيڪس مراعتون ختم ڪيون وڃن، ٽيڪس اڳاڙي ۾ جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي، گذريل ڏينهن جاري ڪيل پڌرنامي موجب سيپٽمبر تائين حڪومت نيپرا جي تعين ڪيل بجلي جي نون ريٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، حڪومت سيپٽمبر تائين عالمي پارٽنرن جي سهڪار سان جامع سرڪلر ڊيٽ جي خاتمي جو پلان تيار ڪندي، پڌرنامي موجب ڊسمبر تائين پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جو ڪنهن ناليواري عالمي اداري کان آڊٽ ڪرائيندي، حڪومت تي اسٽيٽ بينڪ کان بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ نئون قرض وٺڻ تي پابندي مڙهي وئي، سرڪاري ادارن ۾ گورننس ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون جو مسودو پيش ڪرڻو پوندو، پڌرنامي موجب سيپٽمبر تائين حڪومت کي 76 ارب رپين جو ٽِيڪس ريفنڊز ادا ڪرڻو آهي، ايف بي آر پهرين 3 ماهي ۾ هڪ هزار 71 ارب رپيا ٽيڪس اڳاڙين جو هدف پورو ڪرڻو آهي، پڌرنامي موجب سيپٽمبر تائين حڪومت کي تعليم ۽ صحت تي 3 سئو 49 ارب رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻي آهي، پڌرنامي موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پهرين 3 ماهي ۾ 45 ارب رپيا خرچ ڪرڻا آهن، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سيپٽمبر تائين پاور سيڪٽر کي 23 ارب رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون آهن، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڄاڻايل هدفن تي اڳڀرائي تي جائزو وٺي سيپٽمبر کانپوءِ نئين قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان حڪومت اڳواٽ شرطن تي عمل ڪري چڪي آهي، بينڪن جي وياج جي شرح ۽ گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي، آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان مشڪل معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف موجب هر قسم جون ٽيڪس مراعتون ختم ڪيون وڃن، ٽيڪس اڳاڙين ۾ جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي، رپئي جو ملهه مارڪيٽ طئه ڪري، اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وڃي. ڪرپشن روڪٿام وارن ادارن کي مڪمل خودمختياري ڏني وڃي، جي ايس ٽِي کي ويٽ موڊ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، ريئل اسٽيٽ ۽ زراعت کان وڌيڪ ٽيڪس حاصل ڪئي وڃي، آءِ ايم ايف چيو ته آڪٽومبر تائين ايف اي ٽي ايف جون سموريون شرط مڪمل ڪيا وڃن، سوئي گيس ڪمپنين سان ڊسڪوز قائم ڪيا وڃن، آءِ ايم ايف چيو ته پاڙيسري ملڪن سان واپار وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، 7 نفعو ڏيندڙ ڪمپنين کي خانگايو وڃي، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جو آڊٽ ڪرايو وڃي، سرڪاري ڪمپنين کي خانگائڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي، غريبن لاءِ امدادي پروگرام شروع ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *