ن ليگ ۾ ڪيترائي ماڻهو بادشاهي نظام خلاف آواز اٿاريندا ۽ ڇڏي ويندا، پ پ ۾ به ساڳي صورتحال آهي: فواد چوڌري

ڪراچي (م ڊ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نون ليگ ۾ شريف خاندان جَي هڪطرفن فيصلن سبب چوڌري نثار مونجهاري جو شڪار ٿي ويو ۽ پارٽي کان الڳ ٿي ويو،شاهد خاقان عباسي جا اعتراض شروعات نقطو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته 2023 کان اڳ ن ليگ ۾ ڪيترائي ماڻهو بادشاهي نظام خلاف آواز اٿاريندا ۽ ان کي ڇڏي ويندا، پيپلز پارٽي  به ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، هن چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جا اعتراض شروعات آهي، 2023ع جِي شروعات ۾ نون ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ بغاوت ڪري پارٽي ڇڏي ويندا، پيپلز پارٽي ۾ به اها ئي صورتحال آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *