گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي موثر تشهير ڪري سگهون ٿا: عبدالرشيد سولنگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي سنڌ جو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي وفاقي سيڪريٽري اطلاعات نشريات شاهرا شاهد ۽ چيئرمين پيمرا محمد سليم بيگ سان اڄ اسلام آباد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وچ ۾ سهڪار هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي چيو ته ان جي دوري جو مقصد ٽِليلي ويزن چئنلز جي مانيٽرنگ ۽ معلومات جي منتقلي ۽ طريقيڪار جي حوالي سان آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائي ڪري ئي حڪومت جي ترقياتي منصوبن کي موثر تشهير ڪري سگهون ٿا. ان کان اڳ اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري پيمرا هيڊڪوآرٽر روم سميت مختلف سيڪشن جو دورو پڻ ڪيو ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ محمد طاهر سيڪريٽري اطلاعات سنڌ عبدالرشيد سولنگي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان دوران پبلڪ رليشنز کي بهتر بنائڻ لاءِ کنيل قدمن سميت ٻين معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *