پاڪستان ۾ رواداري ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت جي مضبوطي ۾ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته پاڪستان۾ رواداري ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ جو اڪيلو رستو جمهوريت جي مضبوطي ۾ سمايل آهي. عدم رواداري ۽ اڻ سهپ جو رجحان معاشري ۾ پکڙجي رهيو آهي. جيڪو هر شعور رکندڙ ماڻهو لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، برداشت ۽ رواداري جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ ڌانڌليون، غير منصفاڻا فيصلا، آمريت جو مسلسل مڙجڻ ۽ جمهوريت کي وڌڻ وجهڻ کان روڪڻ ان جا سبب آهن هن چيو ته ٻي صورت ۾ هي سرزمين تاريخي طور هميشه رواداري پسند ۽ انسانيت دوست رهي آهي. هن چيو ته هر شڪل ۽ هر سطح تي تعصب جي پاڙ پٽڻ ۽ تحمل ۽ اعتدال اختيار ڪرڻ آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽِ قائداعطم جي ويزن، قائد عوام جي نظريي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي جي روشني ۾ پاڪستان کي برداشت ۽ رواداري جو گهوارو بڻائيندي هن چيو ته هي اها ئي جدوجهد جنهن تي پيپلزپارٽي پنهنجي پهرين ڏينهن کان عمل ڪري رهي آهي. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *