حڪومت هلي نه پئي، پر اُن کي هلايو وڃي ٿو، اسان حڪومت هلائيندڙن کي سڃاڻون ٿا: فضل الرحمان

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بابت الزام اڳوڻي چيف جج رانا شميم جي بيان تي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي ننڍين اتحادي پارٽين جي ڪنڌ تي بوٽ رکي کين گڏيل اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لا3 مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن سياست ۾مداخلت ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ اسان جو حق آهي اسان آئيني ۽ قانوني رستو وٺنداسين. 20 نومبر تي پشاور ۾ هڪ عوامي مظاهرو ٿيندو ۽ ان ۾ صوبي جي عوام شريڪ ٿيندي. جيڪو انشاءالله ڪامياب ٿيندو اڱاري تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان قوم کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ناجائز ۽ ڌانڌلي سان آيل حڪومت ايندڙ اليڪشن لاءِ هاڻي کان جعلي پارليامينٽ کي ايئن قانون سازي لاءِ تيار ڪري رهي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري سگهي هن چيو ته اپوزيشن ان جو مقابلو ڪري رهي آهي. اسيمبلي اندر اپوزيشن شڪست به ڏئي چڪي آهي جڏهن ته گڏيل اجلاس ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي اميد نه رهي ته ملتوي ڪيو ويو مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻي ٻيهر اجلاس گهرايو ويو ته افواه گردش ڪري رهيا آهن پر هي حقيقت جي ويجهو ڳالهيون آهن ته ننڍين اتحادي پارٽي جي ڪنڌ تي بوٽ رکي انهن کي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن هن چيو ته اسان وٽ خبرونا چي رهيون آهن اسان ادارن جواحترام ڪريون ٿا ۽ جڏهن ادارا چون ٿا ته اسان اڻڌريا آهيون ته اسان انهن تي اعتماد ڪريون ٿا جڏهن ته اڄ وري سندن غير جانبداري مجروه ٿي رهيو آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن سياست ۾مداخلت ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ اسان جو حق آهي هن چيو ته عوامي مظاهرا اڻٽر آهن اسان ملڪ ۾ امن امان چاهيون ٿا نوجواننکي سالن تائين غائب ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جا پيارا در در جا  ڌڪا کائي رهيا آهن پر اهي سمجهن ٿا ته رياست جي خدمت ڪري رهيا آهيون هن چيو ته حڪومت هلي نه پئي پر هلائي پئي وڃي اسان سڀني بابت ڄاڻون ٿا هي حڪومتون عوام جي سهاري تي هلڻ گهرجن مون کي ڏک ٿئي ٿو ته جڏهن اسان جي ادارن جا سرابهه ۽ عهديدار موجوده وزيراعظم کي چونڊيل قرارڏين ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ مون سان ملاقات ڪئي اسان ڪنهن کي گهر اچڻ کان ناهي روڪيو هن چيو ته پي ڊي ايم سان پيپلز پارٽي جي مستقبل بابت ڪائي ڳالهه ناهي ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پنجاب حڪومت ڪيرائڻ کان جائزوورتو وڃي ته ان جو متبادل ڇا آهي، جيڪڏهن متبادل ان کان وڌيڪ خراب ثابت ٿيو ته؟ پوءِ ڇا ٿيندو هن چيو ته اپوزيشن کي فيصلا ڪرڻ ڏيو. سياستدان طوراسان سمورن پاسن جو بهتر جائزووٺون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *