
ٽورنٽو (اسپورٽس نيوز) نوٻارنهن سالن کانپوءِ ميدان ۾ واپس ايندڙ نالي واري ريسلر گولڊ برگ تاريخي ميچ ۾ پنهنجي مخالف بروڪ ليسنر کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي. ڪينيڊا جي ايئر ڪينيڊا سينٽر ۾ ٿيندڙ مقابلي کي ڏسڻ لاءِ پويلين ماڻهن سان سٿيو پيو هو، 12 سالن کانپوءِ ميدان ۾ واپسي ڪندڙ گولڊ برگ هڪ طرفا مقابلا کٽڻ جي حوالي سان مشهور آهي، ۽ هن اها ڳالهه ثابت ڪندي 2 منٽن جي گهٽ وقت ۾ بروڪ ليسنر کي داءُ هڻي مقابلو پنهنجي نالي ڪيو.