اڪشي ڪمار شاندار اداڪاري سان رجني ڪانت کي به موهي وڌو

ممبئي (شوبز نيوز) تامل ۽ هندي فلم انڊسٽري جو ليجنڊ اداڪار رجني ڪانت به کلاڙِ اداڪار اڪشي ڪمار جو چاهيندڙ نڪتو، هن اڪشي جي  اداڪاري کي واکاڻيندي چيو آهي ته سندس نئين فلم 2.0 ۾ اصل هيرو  هو پاڻ نه پر اڪشي ڪمار آهي. ممبئي ۾ رجني ڪانت جي بلاڪ بسٽر فلم روبوٽ جي سيڪيول 2.0 جي حوالي سان تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ فلم ۾ شامل رجني ڪانت، اڪشي ڪمار،  ايمي جيڪسن، ميوزڪ ڊائريڪٽر شنڪر ۽ اي آر رحمان کانسواءِ بالي ووڊ جو سلطان سلمان خان به شامل ٿيو،جڏهن ته تقريب ۾ ميزباني جا فرض ڪرن جوهر نڀايا. تقريب ۾ فلم جي خاص حصن کي ڏسي سڀني اداڪاري ۽ ٽيڪنيڪي عملي جي مهارت جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي رجني ڪانت جو چوڻ هو ته فلم ۾ اڪشي ڪمار جو ڪردار ناڪاري آهي پر فلم جو اصلي هيرو اهو ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *