آسٽريليا کي آخري ٽيسٽ ۾ هارائي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪنداسين: هاشم آمله

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور اوپننگ بيٽسمين هاشم آمله چيو آهي ته هو مڪمل طور تي فٽ آهن ۽ ڪينگروز خلاف سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ شرڪت لاءِ آتا آهن. هن چيو ته سندس ٽيم ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ ميزبان ٽيم کي ٽئين ميچ ۾ پڻ مات ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪنداسين پر هن پنهنجي ٽيم کي خبردار ڪيو ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شاندار ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکڻو پوندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 نومبر تائين ايڊليڊ اوول ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *