ڪي فور منصوبو ايف ڊبليو کي ڏيڻ ۽ 23 مارچ تي شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ واٽر سپلاءِ جي وڏي منصوبي ڪي-فور کي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي ڏيڻ ۽ 23 مارچ تي منصوبي کي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو فيصلو خميس ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان خاص طور تي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، ڄام خان شورو، وڏي وزير جو اطلاعات وارو صلاحڪار مولا بخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) اعجاز علي خان، پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نور محمد لغاري، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين اعليءِ آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي عوام جي فلاح بهبود لاءِ ڪي-فور پروجيڪٽ جي وڏي اهميت آهي انڪري سياسي قيادت به ان جي جلد شروعات جي خواهشمند آهي ۽ اهو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس آهي ان لاءِ اڄ مون انهيءَ منصوبي جي آغاز جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏيان ٿو. ناڻي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي ايف ڊبليو او جي ڊائريڪٽر جنرل سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ايف ڊبليو او سنڌ سرڪار جي منصوبي تي تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انهيءَ بعد ايف ڊبليو او سان گڏجي سنڌ حڪومت جا ڪجهه آفيسرن ۽ ماهرن جي هڪ ٽيم به ملاقات ڪئي ۽ فني معاملن ۽ ورڪ پلان تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ايف ڊبليو او کي ڪنٽريڪٽ ڏنو ويندو ته اهي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايف ڊبليو او هڪ ناميارو ادارو آهي ۽ ڪم جي معيار، رفتار کي ڏسندي ان جي ڪم جو ڪنٽريڪٽ ايف ڊبليو او کي ڏيڻ گهرجي جنهن تي گورنر سنڌ ۽ اجلاس ۾ شريڪت ڪندڙن تجويز جي حمايت ڪئي. ان کان پوءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاليسي فيصلو ڪندي واٽر بورڊ ۽ پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ته هو ايف ڊبليو او سان گڏجي معاهدو تشڪيل ڏيئي ان تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معاهدي تي صحيح کان اڳ سموريون قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ صحيح واري تقريب سي ايم هائوس ۾ منعقد ڪئي وڃي. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ان منصوبي کي 23 مارچ تي شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تاريخي حوالي سان 23 مارچ اسان لاءِ سٺو ڏينهن آهي انڪري اهو منصوبو به ان ڏهاڙي تي شروع ڪيو وڃي. هن لاڳاپيل وزير ۽ واٽر بورڊ کي ان ضمن ۾ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. واضع رهي ته ڪي-فور منصوبي جي ڪل لاڳت 25.5 ارب رپيا آهي ۽ ان سان ڪراچي شهر کي ٽن مرحلن ۾ 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ ڪينجهر کان ڪراچي 260 ايم جي ڊي، ٻئي مرحلي ۾ به 260 ايم جي ڊي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري مرحلي ۾ 130 ايم جي ڊي سال 2020ع کان پاڻي فراهم ڪرڻ جي شروعات ڪئي ويندي. اجلاس جي ابتدا ۾ ملڪ جي نامياري ڊراما نگار ۽ اديبا فاطمه ثريا بجيا جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتح خاني پڻ ڪئي وئي. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سنڌ پوليس ڪائونٽر ٽيريزم جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو آهي، گهرومعاملن واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته يونيورسٽي جي قيام سان گڏ سمورن ٿاڻن ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيا ويا آهن. گهرو وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ايس ايس يو هيڊ ڪوارٽر ۾ پوليس مئنيجمينٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي قيام جي منظوري ڏني وئي. اجلاس بابت پوليس پاران جاري ڪيل بيان تحت سهيل انور سيال چيو ته  يونيورسٽي جي قيام سان گڏ سمورن ٿاڻن ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ جديد تعليم ڏني ويندي. پوليس پاران جاري ڪيل بيان تحت ٿاڻن ۾ قائم ٿيندڙ ايمرجنسي سيل جو هيلپ لائين نمبر 911 آهي ، جڏهن ته اهو سيل ايمبولنس سروس، محافظ فورس، مددگار ون فائيو ۽ ٻين ادارن کان ڳنڍيل هوندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *