ملڪ کي اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشان آهيون، ڪالهه ۽ اڄ واري پاڪستان ۾ فرق آهي: نواز شريف

دوها (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعطم نواز شريف چيو آهي ته ٽي سال پهرين ۽ اڄ جي پاڪستان ۾ وڏو فرق آهي، آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي چڪيون آهن، پي آءِ اي ۾ هڙتال ختم ٿي وئي ۽ هاڻي اداري جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. قطر جي شهر دوحا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هُو ملڪ ۾ ترقي جو عمل بحال ڪري رهيا آهن، ملڪ کي اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، سولر ۽ هائيڊرو پاور منصوبا لڳايا ويا آهن. نواز شريف چيو ته ماضي جي حڪومتن ملڪ سان ناانصافيون ڪيون، گذريل 15 سالن ۾ بجلي جا منصوبا نه لڳايا ويا، پر اڄ هُو بجلي جي کوٽ ۽ ان جا اگهه گهٽ ڪري رهيا آهن، قطر سان معاهدي سان گئس ۽ توانائي جو بحران حل ٿي ويندو، ايل اين جي سان سستي بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آپريشن ضرب عضب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي چڪيون آهن ۽ شهري ڏاڍا خوش آهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پي آءِ اي ملازمن هڙتال ختم ڪئي آهي ۽ هاڻي پي آءِ اي ترقي ڪندو، پي آءِ اي کي قطر ايئر لائين جي برابر آندو ويندو…. وزيراعظم نواز شريف چيو ته موٽر وي ذريعي ڪراچي کي لاهور سان ملائي رهيا آهن، چين پاڪستان ۾ قرض نه پر سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم نواز شريف سان قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ قطر سيڙپڪاري اٿارٽي جي سربراهه شيخ عبدالله محمد الثاني ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪارن کي مختلف سهولتون ۽ رعايتون ڏنيون پيون وڃن،تنهن ڪري قطر جي سيڙپڪاري اٿارٽي به ان مان فائدو وٺندي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرامن ۽ مناسب ماحول آهي، وزيراعظم نواز سريف چيو ته ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *