عمران خان ٽن ڏينهن اندر قول ۽ فعل ۾ تضاد جي هيٽرڪ مڪمل ڪئي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان ٽن ڏينهن اندر قول ۽ فعل ۾ تضاد جي هيٽرڪ مڪمل ڪئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عمران خان پهرين ڏينهن ڪي پي ڪي ۾ لازمي سروسايڪٽ لاڳو ڪيو. هن چيوته پي ٽي آءِ سربراهه ٻئي ڏينهن تي احتساب جي قانون کي پنهنجي هٿ جي لٺ بٺايو ۽ ٽئين ڏينهن هو تبديليءَ جو نعرو موروثي سياستدان جي در تي دفنائڻ پهچي ويو. سندس چوڻ هو ته عمران خان چوندو هڪ ۽ ڪندو ٻيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عوام آڏو وائکو ٿي چڪو آهي. پرويز رشيد چيو ته هڪ طرف عمران خان تبديلي جي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻئي طرف موروثي سياستدان جي در تي وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *