ڪوئٽا جي سرياب روڊ تي بس اندر ڌماڪو، 13 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا جي سرياب روڊ واري علائقي ۾ لوڪل بس اندر زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 22 زخمي ٿي پيا. ڪوئيٽا جي بس ٽرمينل ڀرسان لوڪل بس اسٽينڊ تي پهتي ته مسافرن جي لهڻ کان اڳ ئي زوردار ڌماڪو ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 13 مسافر موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ 22 سخت زخمي ٿي پيا. زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي جو آواز شهر جي پري پري وارن علائقن تائين ٻڌو ويو. ڌماڪي واري هنڌ تي مارجي ويلن جا عضوا ٽڙي پکڙجي ويا . واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن وڏي تعداد ۾ پهچي پوري علائقي کي ڪڙي هيٺ آڻي ورتو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي موجب ڌماڪي دوران 15 کان 20 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس وسيلي اڏايو ويو. ڌماڪي سبب متاثر بس تباھ ٿي وئي. حملي کانپوءِ سول اسپتال سميت سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ڌماڪي بعد سرياب روڊ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ دڪان بند ٿي ويا ۽ خوف سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. صدر ممنون حسين، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي زخمين کي رت جو عطيو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي. هن چيو ته دهشتگرد معافي لائق ناهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڌماڪي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن. بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ،گهرو وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزير مير اظهار کوسي، پي پي بلوچستان جي صدر مير صادق عمراڻي، اڳوڻي ۽ صوبائي وزير علي مدد جتڪ پاران واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي. هنن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ان ڌماڪي جو آواز هن پاڻ ٻڌو . هن چيو ته بي گناھ انسانن کي مارڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن آءِ جي بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن عام ماڻهن کي نشانو بڻايو آهي. پاڪستان مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اُها جنگ جاري رهندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *