محرم الحرام جو مهينو ۽ دهشتگردي جا واقعا

ڪجهه ڏينهن جي ساهي بعد وري دهشتگرد پنهنجي ٻرن ۾ نڪري پيا آهن، گذريل ڏينهن انسانيت جو لباس پهرين دهشتگردن ڪوئيٽا جي سرياب روڊ واري علائقي ۾ لوڪل بس اندر زوردار ڌماڪي ڪري انسانيت جو قتل ڪيو، ان واقعي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 22 زخمي ٿي پيا. بس جئين ئي ٽرمينل ڀرسان لوڪل بس اسٽينڊ تي پهتي ته مسافرن جي لهڻ کان اڳ ئي دهشتگردن زوردار ڌماڪو ڪيو، جيڪي ڌماڪي ۾ زخي ٿيا آهن انهن مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي جو آواز شهر جي پري پري وارن علائقن تائين ٻڌو ويو. ڌماڪي واري هنڌ تي مارجي ويلن جا عضوا ٽڙي پکڙجي ويا . واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن وڏي تعداد ۾ پهچي پوري علائقي کي ڪڙي هيٺ آڻي ورتو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي موجب ڌماڪي دوران 15 کان 20 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس وسيلي اڏايو ويو. ڌماڪي سبب متاثر بس تباھ ٿي وئي. حملي کانپوءِ سول اسپتال سميت سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ڌماڪي بعد سرياب روڊ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ دڪان بند ٿي ويا ۽ خوف سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. جڏهن ته ملڪ جي اعليٰ قيادت ۽ مختلف پارٽين جي سربراهن معمول موجب مذمت به ڪئي ته ڏک جو اظاهر به ڪيو، اهو مطالبوبه ٻڌڻ ۾ آيو ته دهشتگردن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي. ڇو جو دهشتگرد معافي لائق ناهن. اڳواڻن ته اهو به فرمايو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن،

ماڻهو ته الله کي پيارا ٿي ويا هاڻي انتظاميه رپورٽون گهرندي، ڪميٽيون جوڙيندي، دهشتگردن خلاف اهي پرانا ٺلها بيان به جاري ڪندي پر ڪنهن اهو سوچيو آهي ته اهن بس ۾ سوار ماڻهو ڪنهن جا پٽ هوندا، ڪن جا پيءُ هوندا، ڪنهن جا ڀائر هوندا، اهي 13 ماڻهو نه بلڪ 13 خاندان شهيد ٿيا آهن، انهن مان ڪي ته بهر جا واحد ڪفيل هوندا حڪمران گهڙي کن فوٽو سيشن ۽ اخبارن جي سرخين جي زينت بڻجي وڃي پنهنجي ڪرت سان لڳندا پر جن جا گهر اجڙي ويا انهن جو ڇا؟، ڪو انهن جي واهر ڪندو، ڇا انهن جي گهر جو چلهو هاڻي ٻري سگهندو، ڀل کڻي حڪمران مالي مدد جو اعلان ڪن پر اها مدد ڪيتري مهانگي پوندي انهن اجڙيل گهر ڀاتين کي اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا،

سرڪار سڳوري کي اپيل آهي ته آپريشنن جي جاري هئڻ، محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي سخت ڪرڻ باوجود دهشتگرد آساني سان پنهنجي حدف حاصل ڪري وڃڻ ٿا جيڪا انتظاميه جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، ان ڪري سرڪار سڳوري کي گهرجي ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺي جئين ڪنهن جو گهر اجڙڻڻ کان بچي سگهي، ڪنهن گهر ۾مات برپا نه ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *