آمريڪي دوري دوران قومي مفادن تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪنداسين: نواز شريف

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد نواز شريف واضح ڪيو آهي ته آمريڪا جي دوري ۾ قومي مفادن تي ڪنهن قسم جي ڪا سوديبازي نٿي ڪري سگهجي، پاڪستان جي مفادن جي هميشه حفاظت ڪنداسين، اوڪاڙا ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي وئي آهي، ڪجهه ته سبق سکي وٺن، سياستدانن کي عوام اڳيان ذميدار ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هر مرحلي ۾ ڌانڌلي جو شور مچائڻ سياسي پختگي نه آهي، 2018 تائين پاڪستان مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، پاڪ چين راهداري تي ڪو دٻاءُ نه آهي، الله سائين جي فضل سان پاڪ چين راهداري جي رٿا وقت تي مڪمل ٿي ويندي، اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، ڀارت جي پاڪستان ۾ مداخلت جا ٺوس ثبوت گڏيل قومن کي ڏنا آهن، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته افغانستان جو امن خطي جي امن لاءِ ضروري آهي، پاڪ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جيحوالي سان سوال تي هن چيو ته قومي مفادن تي ڪنهن قسم جي ڪا سوديبازي نٿي ڪري سگهجي، قومي مفادن جي هميشه حفاظت ڪنداسين، ان حوالي سان منهنجو تفصيلي بيان ڇپجي چڪو آهي، هن چيو ته تڪ اين اي 122 جي فيصلي کانپوءِ اسان اسٽي ناهي ورتو، اليڪشن وڙهڻ جي فيصلو ڪيو، ضمني چونڊن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، اين اي 122 ۾ سردار اياز صادق سوڀ ماڻي آهي، ملڪ ۾ بهتر سياست لاءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ميچيوئر سياست ٿيندي، ڌانڌلي جو الزام هڻندڙن جي سياست تي ڏک ٿئي ٿو، آمريڪي دٻاءَتي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي افواهن جي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته 1998 ۾ جڏهن پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ان وقت به اسان جي حڪومت هئي، قومي مفادن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *