ڪراچي ۾ قرآن پاڪ جي قاري دوست سان گڏجي گهرواري ۽ ٻن ٻارڙن کي قتل ڪري گهر کي باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، هڪ ٻار زخمي حالت ۾ هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قرآن پاڪ جي قاري پنهنجي دوست سان گڏجي گهرواري ۽ ٻن ٻارڙن کي قتل ڪري گهر کي باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس هڪ پٽ زخمي حالت ۾ مليو، ذريعن مطابق منظور ڪالوني جي جدون چوڪ ويجهو هڪ شخص محمدطارق پنهنجي دوست سان گڏجي تيز اوزار سان پنهنجي گهرواري 40 ورهين جي ثمينا، 15 ورهين جي نياڻي روميسا ۽ 13 ورهين جي سعد کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 10 ورهين جو حماد زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ طارق پاڻ کي به ماري گهر جي ڪمري کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري لاش ۽ سمورو سامان سڙِي خاڪ ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پاڙيوارن پهچي پوليس جي مدد سان امدادي ڪارروايون ڪري باهه وسائي، جنهن دوران 4 لاش ۽ زخمي ٻارڙو هٿ آيو،جنهن کانپوءِ لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن مطابق زخمي ٻارڙي جو جسم به ڪافي سڙي چڪو آهي، جڏهن ته سندس نڙگهٽ تي تيز اوزار سان ڪهڻ جو نشان آهي، ٻارڙو ڏاڍو ڊنل آهي ۽ بار بار چئي رهيو آهي ته مونکي بابا کان بچايو. پوليس مطابق ٻارڙي شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته بابا (طارق) پنهنجي دوست سان گڏجي سڀني کي قتل ڪيو، جنهن کانپوءِ مان بيهوش ٿي ويس، ان کانپوءِ ڇا ٿيو، ڪا خبر ناهي، اختيارين کي شڪ آهي ته طارق پنهنجي دوست سان گڏجي واردات ڪئي. جنهن کانپوءِ طارق جي دوست کيس به قتل ڪري گهر کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. مقتولن جي وارثن ٻڌايو ته طارق جو تعلق ڊيرا اسماعيل خان سان آهي ۽ هو گهر ۾ ٻارڙن کي قرآن شريف پڙهائيندو هو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *