ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ واپاري سراپا احتجاج، ڪاروبار مڪمل طور بند

ڪراچي (نمائندن وٽان) وفاقي حڪومت پاران وِد هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ صدر،بولٽن مارڪيٽ، بوهري بازار، قائد آباد مارڪيٽ، ڪيمسٽ مارڪيٽ، لياقت آباد،سپر مارڪيٽ، ناظم آباد، ڪورنگي، لانڍي ۽ حيدري مارڪيٽ سميت مک بازارون نه کــُلي سگهيون. حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار،لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سانگهڙ،بدين، ٺٽي، دادو، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور،ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ڪاروباري مرڪز بند رهيا. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان، گجرانوالا ۽ ٻين شهرن جون مک بازارون هڙتال سبب بند رهيون. ڪوئيٽا،حب، خضدار، اوستا محمد ۽ ٻين شهرن ۾ واپارين پنهنجا ڪاروبار بند رکيا. مختلف شهرن ۾ واپارين هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا پڻ هنيا. هوڏانهن پ پ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، جـَي يـُو آءِ سميت مختلف سياسي پارٽين واپارين جي هڙتال جي حمايت ڪئي آهي. واپاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هـُو اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته مٿان وري وڌ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ظالماڻو عمل آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته وڌ هولڊنگ ٽيڪس وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *