رينجرز نائين زيرو تان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز نائين زيرو تان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور کي آزاد ڪري ڇڏيو، رينجرز جي لا آفيسر دهشتگري ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته قمر منصور کان شروعاتي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ اڄ انساني بنيادن تي کيس آزاد ڪيو ويو آهي. رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تان گرفتار ڪيلمتحده اڳواڻ قمر منصور کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. رينجرز جي لا آفيسر ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته قمر منصور کان جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. رينجرز جي لا آفيسر موجب قمر منصور پاران ڪيل انڪشافن جي حوالي سان جاچ هلندڙ آهي، سندس طبيعت ٺيڪ نه آهي، تنهنڪري اڄ کيس آزاد ڪيو ويو آهي. عدالت رينجرز جي لا آفيسر پاران پيش ڪيل رپورٽ منظور ڪري ورتي آهي. رينجرز 22 جولاءِ تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور کي نائن زيرو تان گرفتار ڪيو هو، مٿس دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو الزام آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *