ڪراچي ۾ خوف ۽ دهشتگرد وارو ماحول ختم ڪرڻ لاءِ آيو آهيان: عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته الطاف حسين ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو بيان ڏنو ان کي ڀليڪار چئون ٿا الطاف حسين کي پيغام ڏيان ٿو ته بندوق جي سياست نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته اسان جي ۽ متحده جي وچ ۾ بنيادي اختلاف بندوق جي سياست آهي ماڻهو بندوق جي سياست کان تنگ ٿي چڪا آهن، بندوق جي سياست ڪراچي کي نقصان پهچايو، وقت اچي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجو پاڻ کي هٿياربندن ماڻهن کان الڳ ڪري وٺي، خوف جي هوا ۾ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي، جن اسان جي ڪارڪنن کي ماريو اسان جو مطالبو آهي ته متحده قومي موومينٽ انهن جي خلاف ڪارروائي ڪري، تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته عمران اسماعيل جي ڪيمپ تي ٻه ڀيرا حملا ٿيا ان لاءِ ڪراچي اچڻ ضروري هو، عورتن جو ڌرڻي ۾ اهم ڪردار هو ان لاءِ ريحام خان به ڪراچي آئي، هن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون الطاف حسين قوم کي نه ورهائي. عمران خان چيو آهي ته هو ڪراچي مان خوف ۽ حراس جو ماحول ختم ڪرڻ آيو آهي، هن جي ڪنهن سان ڪابه ذاتي ويڙهه ناهي، ڪراچي ۾ امن ٿيندو ته ملڪ امن جو گهوارو بڻجي ويندو، ڪراچي ۾ ڪارساز کان سوڪ سينٽر تائين ڪڍيل ريلي کي خطاب دوران عمران خان جو چوڻ هو ته ان جي خواهش آهي ته پورو ملڪ امن جو گهوارو بڻجي وڃي ۽ ان لاءِ ڪراچي مان خوف ۽ حراس وارو ماحول ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته الطاف حسين ان جي پارٽي ۽ ان جي چونڊ سرگرمين جي حوالي سان جيڪو بينا ڏنو آهي اهو انتهائي خوشي جوڳو آهي ۽ هو ان جي ڀليڪار ڪري ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ريحام خان پنهنجي مرضي سان ان جي سياسي ۾ شريڪ ٿي آهي ڇو ته هوءَ هاڻ هن ملڪ کي امن جو گهوارو ڏسڻ چاهي ٿي اليڪشن لاءِ مثبت ماحول قائم ٿي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي مستقبل لاءِ سٺو آهي.عمران خان ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ڪراچي کي پرامن ۽ روشنين جو شهر بڻائڻو آهي ڪراچي ۾ پارٽي ڪارڪنن جو خوف ختم ڪري ڇڏيو الطاف حسين جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته الطاف حسين هڪ طرف دعوت ڏئي ٿو ٻئي طرف اسان جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو وڃي ٿو الطاف حسين ٻٽي پاليسي رکي ٿو ايم ڪيو ايم طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته اسان جو استقبال ڪيو ويندو اهو ڪهڙو استقبال آهي جو ڪارڪنن جا مٿا ڦاڙي ڇڏيو ڏک ٿيو ته اسان جي ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن حملو ڪيو اسان هڪ پرامن پارٽي آهيون پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڪنهن ٽڪراءُ ۾ شريڪ نه ٿيندا، اين اي 246 جي ماڻهن کي چوان ٿو ته ڊڄڻو ناهي خان صاحب 19 اپريل تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو به اشارو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *