عمران خان جي اچڻ تي ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو: فاروق ستار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته عمران خان جي جناح گرائونڊ اچڻ تي ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن طرفان عمران خان کي ڀليڪار چيو ويو هو، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ پاڻ عمران خان جي گاڏي تائين استقبال ڪرڻ ويا هئا، خبر ناهي عمران خان شهيدن جي يادگار تائين ڇو نه آيو ۽ واپس هليو ويو، فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي هدايت تي مهمانن جي استقبال جون تياريون ڪالهه کان شروع ٿيون، نائن زيرو تي مهمانن لاءِ مانجهاندي سان گڏوگڏ مهمانن لاءِ تحفن جو به بندوبست ڪيو ويو هو عمران خان شهيدن جي يادگار تي پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ڪئي جنهن تي اسان ان تمام گهڻا شڪر گذار آهيون هن چيو عمران خان جي واپسي کانپوءِ تمام ننڍي پئماني تي ويڙهه جو واقعو پيش آيو هو پر پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن اهڙا بيان جاري ڪيا جنهن سان اهو تاثر ملي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين يا ان جي اڳواڻن جي نيت ۾ ڪجهه ٻيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *