نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 4 رپيا 42 پئسا في يونٽ تي لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيپرا، بجلي جي اگهن ۾ 4 رپيا 42 پئسا في يونٽ تي لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قيمتن ۾ گهٽتائي ڪــَي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. نيپرا ترجمان موجب بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڪئي وئي. درخواست ۾ چيو ويو هو ته فيبروريءَ ۾ بجلي جي پيداوار تي فيول لاڳت 4 رپيا 62 پئسا في يونٽ رهي،تنهنڪري واهپيدارن کي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ رليف  ڏنو وڃي. نيپرا درخواست منظور ڪندي بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 4 رپيا 42 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا موجب واهپيدارن کي ايندڙ مهيني بجلي جي بلن ۾ 25 ارب رپين جو رليف ملندو پر قيمتن ۾ گهٽتائي ڪــَي اليڪٽرڪ ۽ 50 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *