ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ جي مهم هڪ سال تائين جاري رهندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ جي مهم هڪ هفتو نه بلڪ هڪ سال تائين جاري رهندي ۽ ان مهم جي تحت صوبي جي هر گهٽي ۽ پاڙي تائين صفائي کي يقيني بڻايو ويندو. سمورن ضلعن ۾ ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ميونسپل آفيسرن جي مانيٽرنگ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪي ايم سي جي هيلپ لائن 1339 کي فعال ڪيو ويو آهي، جتي عوام پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي ۽ ان کان پنهنجو شڪايتي نمبر حاصل ڪري. صوبي ۾ امن جي قيام ۾ ڪجهه حد تائين هتان جي ماحول کي درست نه ٿيڻ جو به حصو آهي ان لاءِ اسان هن صوبي کي صاف ۽ شفاف، سرسبز ۽ پرامن ماحول جي ذريعي امن جو گهوارو بڻائي سگهون ٿا. منهنجي خواهش آهي ته سمورن ننڍن ۽ وڏن پارڪن ۾ قانون مطابق فوڊ ڪارنرز ۽ اسٽريٽ قائم ڪئي وڃي ۽ وڏن وڏن پارڪن ۽ تفريحي هنڌن تي سيمينا گهر تعمير ٿين ته جيئن عوام ۽ خاص ڪري نوجوان نسل کي تفريح جا موقعا ميسر ٿي سگهن. ميڊيڪيم نالي خانگي ڪمپني پاران ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڄ جنهن مهم جي شروعات ڪئي آهي ان کان پوءِ آئون انهن سمورن مستحڪم ڪمپنين کي به گذارش ڪندس ته هو به اڳتي اچن ۽ هن صوبي کي صاف سٿرو بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪي ايم سي جي زير انتظام هلندڙ سمورن اسڪولن جي خراب حالت جو سروي ڪرايو پيو وڃي ۽ انهن کي سموريون سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. هو خميس تي صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ جي چوٿين ڏينهن آئي آئي چندريگر روڊ تي خانگي ڪمپني ميڊيڪيم پاران رستن تي زيبره ڪراسنگ ۽ ٽريفڪ مينيجمينٽ لاءِ شروع ڪيل مهم جي افتتاح، هل پارڪ ڪراچي ۾ وڻڪاري ۽ صفائي مهم جي شروعات ۽ بعد ۾ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪي ايم سي جي زير انتظام هلندڙ اسڪولن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ميٽروپوليٽن ڪمشنر مسعود عالم، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، ڊي جي پارڪس نياز احمد سومرو، ايدمنسٽريٽر سائوٿ افضل زيدي، محمد رئيسي ، محمد عاصم کان علاوه ٻيا اعليٰ آفيسر  به ساڻس گڏ هئا. شرجيل انعام ميمڻ ڪمشنر سان گڏ آئي آئي چندريگر روڊ تي خانگي ڪمپني جي تعاون سان ٽريفڪ مينيجمينٽ پلان تحت رستن تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ ۽ پنڌ هلندڙ عوام لاءِ زيبره ڪراسنگ بڻائڻ واري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان جي مهم ۾ خانگي ڪمپنيون به ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مون مهم جي شروعات واري ڏينهن ئي سول سوسائٽي، سياسي ۽ مذهبي جماعتن، شاگردن ۽ عوام کي اپيل ڪئي هئي ته هو هن مهم کي پاڻ اوون ڪن ۽ هن شهر ۽ صوبي کي مثالي ۽ سرسبز صوبو بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اڄ مونکي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته عوام نه صرف ان مهم کي اوون ڪرڻ ڪرڻ شروع ڪيو آهي بلڪ عملي طور تي ميدان ۾ نڪري آيو آهي. جنهن کان پوءِ هاڻ هن صوبي کي سرسبز ۽ پرامن بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته ٻين مستحڪم ڪمپنين ۽ شخصيتن کي به هن مهم ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو ته هو جيڪڏهن ڪا گهٽي يا رستي کي پنهنجي بلي وٺي اتي صفائي سٿرائي کي پنهنجي هٿن ۾ وٺن ته اسان انهن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته چار ڏينهن کان هن مهم ۾ پاڻ رستن تي موجود آهيان مون سان گڏ ڪمشنر ڪراچي ۽ سمورا اعليٰ آفيسر به رستن تي آهن ان جي باوجود آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته 100 سيڪڙو ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي البته اهو ضرور چوندس ته انهن چئن ڏينهن ۾ صفائي سٿرائي ۾ گهڻي حد تائين فرق ٿيو آهي. هن چيو ته جيستائين هن صوبي کي قبضن گند ڪچري کان پاڪ ۽ صاف سٿرو صوو نٿو بڻايان ايستائين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته قبضن جي خاتمي ۾ ڪنهن قسم جو ڪو سياسي دٻاءُ آهي. آئون ان کان اڳ به ۽ اڄ به ميڊيا جي موجودگي ۾ پنهنجن آفيسرن کي هدايت ڏيان ٿو ته هو ڪنهن قسم جو ڪوبه سياسي دٻاءُ قبول نه ڪن ۽ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ منهنجو نالو به استعمال ڪري ته سڀ کان پهرين ان قبضي کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڏينهن به سموري گرين بيلٽ، فٽ پاٿ، رفاهي پلاٽس تي قبضا قائم ڪندڙن کي وارننگ ڏني هئي ته هو ازخود پنهنجا قبضا هٽائين جيڪڏهن اسان ڪارروائي ڪئي ته انهن جي دڪانن کي سيل به ڪنداسين ۽ انهن کي ڪيسن کي به منهن ڏيڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته لياري هجي يا سنڌ جي ڪنهن به ننڍي ڳوٺ جي گهٽي هجي آئون اتان جو دورو ڪندس ۽ جيڪڏهن مونکي ڪنهن به هنڌ ڪا ڪوتاهي نظر آئي ته لاڳاپيل آفيسر کي نه ڇڏيندس. ان کان پوءِ هن هل پارڪ ۾ صفائي مهم ۽ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو ۽ هل پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن هل پارڪ جي آسپاس سرڪاري زمينن تي ٺهيل بنگلن جو سختي سان نوٽيس وٺندي ميٽروپوليٽن ڪمشنر کي هدايتون ڏنيون ته فوري طور تي هل پارڪ جو ماسٽر پلان ڪڍي اتي جي زمينن تي قائم قبضن کي ختم ڪري کيس رپورٽ ڪري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هل پارڪ ۽ ان جهڙن ٻين تفريحي هنڌن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سٺا سينيما گهر ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون فوڊ ڪارنرز تعمير ڪيا وڃن، جڏهن  ته ان لاءِ قانون کي ڏسڻو پوندو ۽ قانون اجازت ڏي ته سمورن قانوني تقاضائن کي پورو ڪري هتي اهي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته هن وقت اسان جنهن دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ جهڙي طرح اسان جو نوجوان نسل ان جي ور چڙهي رهيو آهي ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سٺي ۽ بهتر تفريحي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان موقعي تي ميڊيا پاران مختلف پارڪن ۾ سياسي جماعتن ۽ آفيسرن جي نشاندهي ته هن چيو ته ان سلسلي ۾ هو پهريان ئي اها هدايت جاري ڪري چڪو آهي ته بغير ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃڇي ۽ ڪنهن به سياسي دٻاءُ ۾ نه اچڻ گهرجي. شيشه پالر ۽ ٻين ممنوعه شين جي استعمال جي شڪايتن تي هن موقعي تي موجود ڊي سي ايسٽ کي حڪم ڏنا ته هو فوري طور تي اهڙن سمورن مرڪزن کي سيل ڪري ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي. صوبائي وزير اوچتو سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ قائم گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز پرائمري اينڊ سيڪنڊري اسڪول جي دوري تي پهچي ويو ۽ هن اتي هڪ هڪ ڪلاس ۾ وڃي پڙهائي سميت ٻين انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ڪلاس روم ۾ لائٽس ۽ پکن جي کوٽ جي شڪايتن تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي سرزرش ڪئي ۽ فوري طور تي ڪي ايم سي جي زير انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن جي خراب هحالت ۽ اتي جي مسئلن جي رپورٽ طلب ڪئي. ان موقعي تي هن اسڪول جي پرنسپل کي پنهنجي کيسي مان روڪ رقم ڏني ۽ تاڪيد ڪئي ته فوري طور تي ڪلاس رومن ۾ لائٽس ۽ پکن جو انتظام ڪيو وڃي ۽ هو ڪنهن ڏينهن به واپس اچي انهن سمورين شين کي مانيٽر ڪندو. هن ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ۽ بلديات کاتي جي ايجوڪيشن کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سامن هدايتون ڪئي ته هو ڪي ايم سي جي زير انتظام هلندڙ اسڪولن کي مڪمل طور تي صاف سٿرو بنائي ۽ اتي پيش ايندڙ مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم ڪري ان جي رپورٽ هڪ هفتي اندر اندر موڪلي وڃي. هن چيو ته هو صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ مهم جو دائرو صرف صفائي سٿرائي ۽ وڻڪاري تائين نه اهي بل ادارن ۾ ڪرپشن ۽ گوسڙو ملازمن جي خاتمي تائين وسيع ڪندو ۽ بلديات کاتي جي زير انتظام هلندڙ اسڪولن، اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کي به ماڊل بڻائي ساهه کڻندو. ان موقعي تي صوبائي وزير پاران ازخود سمورين شين جي مانيٽرنگ تي اتي موجود عوام ان جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ ڪيترن هنڌن تي عوام پاران صوبائي وزير کي شڪايتون ڪيون ويون، جنهن جو هن فوري طور نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي 24 ڪلاڪن اندر اندر انهن شڪايتن جي ازالي جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *