لائين آف ڪنٽرول تي بنا جواز جي فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

سيالڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته لائين آف ڪنٽرول تي بنا جواز جي فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن اهڙو اظهار سيالڪوٽ بائونڊري جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي هن فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ملڪي مفاد لاءِ متحد ۽ پرعزم آهيون. هن چيو ته ڀارتي فوج جي فائرنگ جو مقصد دهشتگردنخلاف آپريشن تان ڌيان هٽائڻ آهي. فوج جي سربراهه چيو ته ايل او سي تي مسلسل ڀڃڪڙي سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *