ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ باهه لڳڻ سبب 200 جهوپڙيون سڙي ويون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ باهه لڳڻ سبب 200 کان وڌيڪ جهوپڙيون سڙي ويون فائر برگيڊ باهه تي قابو آڻي ورتو آهي، گلشن اقبال ۾ ايڪسپو سينٽر ويجهو جوپڙين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن سبب جهوپڙين ۾ موجود سامان ۽ چوپايو مال به سڙي ويو، ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته شهر ۾ وي آءِ پي موومينٽ سبب فائر برگيڊ جون گاڏيون دير سان پهتيون، باهه لڳڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، فائر برگيڊ جي 7 گاڏين هڪ ڪلاڪ ۾ باهه تي قابو آڻي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *