ڪراچي: دهشتگردن جي فائرنگ، ڊي ايس پي ٽريفڪ ڊرائيور سميت شهيد

ڪراچي(اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ اڻڄاتل موتر سوار ٽريفڪ  پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي ڪريم آباد ٽريفڪ پوليس حنيف خان ۽ انجو ڊرائيو مارجي ويو، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي گھرو وزير ۽ آئي جي سنڌ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ريسڪيو ذريعن موجب  فائرنگ جو واقعو شهيد ملت گرلز ڪاليج جي ويجھو آيو جتي موٽر سوار اڻڄاتل دهشتگردن ڊيوٽِي تي موجود ڊي ايس پي حنيف خان جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهنجي نتيجي ۾ ڊي ايس پي حنيف خان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته انجو ڊرائيور فدا عالم سخت زخمي ٿي پيو جنهنکي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته هو به اعلاج دوران  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجر جي وڏي نفري حآدثِي واري جاءِ کي سيل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب حملو ڪندڙن گاڏيءِ جي فرنٽ اسڪرين تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي. پوليس موجب حملي آورن ٻنهي طرفن کان گاڏيءَ تي حملو ڪيو . سيڪيورٽِي اهلڪارن موجب ڊي ايس پي محمد حنيف خان جي گاڏي کي 15 کان 20 گوليون هنيون ويون، واردات واري جاءِ کان ملندڙ خول فارينزڪ ليب موڪليا ويا آهن جڏهن ته ڪاروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي، شروعاتي جاچ موجب دهشتگردن موٽر سائيڪل تي سوار هيا حملي آور سامهون کان ئي ڊي ايس پي کي نشانون بڻايو واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار اڳ ۾ ڪنهن ۾ واردات ۾ استعمال نه ٿيا، اکين ڏٺن شاهدن موجب حملي آور ٻن موٽر سائيڪلن جي سوار هيا حملي کان پوءِ آساني سان فرار ٿي ويا، ٻئي طرف ايڊيشنل اي آئي جي غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته دهشتگردن پيڇو ڪري حملو ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس اهلڪارن جي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ آئي جي سنڌ واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ، سنڌ جي گھرو وزير ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪئي آهي، گھرو وزير سڄي شهر ۾ سيڪيورٽِي هائي الرٽ رکڻ ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي، آئي جي سنڌ واقعي جي مذمت ڪندي ڊِي آئي جي ذوالفقار کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *