جمهوريت جي گاڏي کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏينداسين، نواز شريف قوم جو آواز آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جمهوريت جي گاڏي کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏينداسين، نواز شريف قوم جو آواز آهي، 2018 ۾ ن ليگ عوام جي عدالت مان ڪامياب ٿيندي، موجوده حڪومت نواز شريف جي پاليسين ۽ منصوبن کي مڪمل ڪندي، جمهوريت جي بقا مضبوطي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي کڻي هلنداسين، 60 ارب ڊالر جي لاڳت سان سي پيڪ منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، علائقائي امن لاءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي هرصورت ۾ برقرار رکي ويندي، خطي جو امن ڪشمير سان آهي، جتي ظلم جي بازارا گرم آهي، ڪشمير تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه آهي، 31 ڊسمبر 2017 تائين ڪچي آبادي جي مالڪاڻا حق ۽ مسئلن جي حل لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪاغف جا نمائندا شامل هوندا، وزيراعظم اها ڳالهه تحريڪ پاڪستان جي جهوني ڪارڪن مرحوم مرشد شاهين گورايا مرشدي جي پٽ ۽ ڪچي آبادي اينڊ ڳوٺ فيڊريشن آف پاڪستان ڪاغف ۽ قومي امن رابطا ڪونسل پاڪستان جي چيئرمين امن جي سفير صاحبزاده احمد عمران نقشبندي مرشدي سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ به ساڻس گڏ هو، ڪاغف جي چيئرمين وزيراعظم کي سڄي ملڪ جي ڪچي آبادين ۽ ڳوٺن جي مالڪاڻي حقن جي قانونسازي لينڊ مافيا ۽ ان جي سهولتڪارن پاران سرڪاري زمينن کي چائنا ڪٽينگ ۽ جعلي نالن سان وڪرو ڪري قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ وارن قدمن کان آگاهه ڪندي مسئلن جي حل لاءِ 52 تجويزون پيش ڪندي کيس سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي وزيراعظم قبول ڪندي چيو ته هو ويجهو سنڌ جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته ڪچي آبادين ۽ ڳوٺن جي ڪروڙين رهواسين جو جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار آهي، صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته اهي پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ وڌيڪ ڪچي آبادين کي قائم ڪرڻ کي روڪڻ لاءِ موثر ۽ هڪجهڙي پالسي بڻائيندي سمورن صوبن ۾ 31 ڊسمبر 2017 تائين آباد سمورن ڪچي آبادين ۽ ڳوٺن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِقانونسازي ڪن ۽ سستي رهائش گهٽ لاڳ اسڪيمون بڻائي گهٽ آمدني وارين شهرين کي رهائش جون سهولتون ۽ بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين، هن چيو ته هو ان سلسلي ۾ وفاقي وزارت هائوسنگ ۽ تعميرات کي به هدايت ڪندو، هو وزيراعظم هائوسنگ پروجيڪٽ تحت وفاقي حڪومت پاران سستي گهٽ لاڳت وارين رهائشي اسڪيمن لاءِ منصوبابندي ڪري. هن چيو ته هو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي زمين تي قائم 8، ٽي ڊبليو ڊي جي زمين تي قائم 10 ريلوي جي زمين تي قائم 80، ڊفينس جي زمين تي قائم 10، پي ٽي ايل ۽ واپڊا جي زمين تي قائم هڪ هڪ ڪچي آبادين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ واسطيدارن ادارن کي اين او سي فراهمي جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون وينديون ۽ ان سلسلي ۾ ن ليگ پاران قومي اسيمبلي ۾ قرارداد به پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته علائقائي امن لاءِ قانون جي بالادستي هر صورت ۾ برقرار کي ويندي، هن چيو ته اسان جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي لاءِ سمورين پارٽين سان گڏجي هلنداسين، هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، اتان جي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين، ڪراچي ۾ امن جي بحالي جو ڪريڊٽ نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو، هن چيو ته نواز شريف ۽ ن ليگ ڪراچي جي عوام کي ڪنهن جي به رحم ڪرم تي نه ڇڏيندي، 70 سالن ڏکيائين سان منهن ڏيڻ باوجود ملڪ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر افسوس سياسي نظام کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو پيو وڃي. هاڻ 21 ڪروڙ عوام سياسي نظام کي ڪمزور ڪندڙ سازشن جو ڄمي مقابلو ڪندو. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج، سيڪيورٽي ادارن جو قربانيون ساراهه جوڳيون آهن انهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، 70 هين آزادي جي ڏهاڙي تي ان کي زبردستي خراج عقيدت پيش ڪرڻ پاڪستان جي عوام جو قومي فرض آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *