پاڪستان جي آبادي 21 ڪروڙ کان وڌي وئي، ڇهين آدمشماري 2017 جا نتيجا

ڪراچي (اين اين آءِ) ڇهين آدمشاري 2017 جي شروعاتي نتيجن موجب پاڪستان جي آبادي 13 ڪروڙ 23 لک کان وڌي 21 ڪروڙ 31 لک کان وڌي وئي آهي، جڏهن آزاد ڪشمير ۽ گلگت سميت اها آبادي 21 ڪروڙ 90 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي، 1998 کان 2017 تائين ست ڪروڙ 87 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي واڌ ٿي آهي، ڪراچي جي آبادي 98 لک کان وڌي هڪ ڪروڙ ستر لک کان وڌي وئي آهي، گڏيل طور سنڌ جو ڪل حصو آبادي ۾ 23 سيڪڙو کان وڌي 24 سيڪڙو ٿي ويو آهي، آبادي ۾ 5 آدمشماري 1998 جي ڀيٽ ۾ گڏيل طور تي 60 سيڪڙو واڌ ٿي اهي، پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن ۾ شره جي واڌ وڌي وئي آهي. پاڪستان جي ڇهين آدمشماري جي حوالي سان مختلف ذريعن مان ملندڙ غير حتمي انگ اکر موجب پاڪستان جي آدمشماري 13 ڪروڙ 23 لک جي ڀيٽ ڇهين آدمشماري 2017 ۾ وڌي 21 ڪروڙ 31 لک ٿي وئي آهي ، ذريعن موجب 1998 ۾ پنجاب جي آبادي 7 ڪروڙ 36 لک هئي جيڪا چهين آدمشماري ۾ 11 ڪروڙ 10 لک کان وڌي وئي آهي، سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ چار لک هئي جيڪا وڌي 5 ڪروڙ 10 لک کان وڌي وئي آهي، ڪي پي ڪي جي آبادي هڪ ڪروڙ 37 لک هئي جيڪا هن وقت وڌي 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ آهي، بلوچستان جي آبادي 65  لک هئي جيڪا 2017  هڪ ڪروڙ 15 لک آهي ، فاٽا جي آبادي 31لک هئي جيڪا هن وقت وڌي 55 لک ٿي آهي. اسلام آباد جي آبادي 8 لک هئي جيڪا هن وقت وڌي 21 لک ٿي وئي آهي. انگ اکر موجب 1998 کان 2016 تائين  ست ڪروڙ 87 لک کان وڌيڪ مانهن جي واڌ آهي جيڪو گڏيل طور تي تقريبن سٺ سيڪرو ٿي آهي، پنجاب ۾ اها واڌ ٽي ڪروڙ 84 لک آهي جيڪا 52 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيئي ٿي. سنڌ ۾ اها واڌ ٻه ڪروڙ ڇهه لک آهي جيڪا 68 سيڪرو کان وڌيڪ اهي، ڪي پي ڪي م اها واڌ هڪ ڪروڙ 33 لک  آهي جيڪا 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ، بلوچستان ۾ اها واڌ 50 لک آهي جيڪا 77 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، فاٽا ۾ اها واڌ 24 لک آهي جيڪا 77 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ملڪ جي اهم شهرن جي حوالي سان ملندڙ انگ اکر موجب 1998 ۾ اسلام آباد جي آبادي 8 لک هئي جيڪا هن وقت 21 لک کان وڌيڪ آهي، ڪراچي جي آبادي 98 لک هئي جيڪا هڪ ڪروڙ 70 لک آهي، لاهور جي آبادي 63 لک هئي جيڪا هن وقت هڪ ڪروڙ ويهه لک آهي، راولپنڊي جي آبادي 33 لکن مان 56 لک ٿي وئي. پشاور جي آبادي 20 لک هئي جيڪا هن وقت 40 لک آهي، ڪوئيٽا جي آبادي 7 لک سٺ هزار هئي جيڪا هن وقت 20 لک آهي. شماريات کاتي جي ذريعن موجب 1998 جي شرح واڌ جيڪا 2.69 سيڪڙو هئي ان حساب سان واڌ 51 کان 53 سيڪڙو هجڻ گھرجي هان پر گڏيل طور تي واڌ 60 سيڪڙو آهي. جنهن جو چٽو مطلب اهو آهي ته پاڪستان جي سالياني شرح واڌ ۾ واڌ ٿي آهي. پنجين آدمشاري 1998 جي سالياني شڙح واڌ موجب پنجاب جي واڌ ملندڙ جلندڙ آهي جڏهن ته سنڌ ڪي پي ڪي ، بلوچستان ۽ فاٽا جي آبادي ۾ تمام گھڻي واڌ جي شرح ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *