ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط جعفر جو قاتل گرفتار ، تعلق سياسي پارٽي سان آهي: غلام قادر ٿيٻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي پوليس جـَي سربراهه غلام قادر ٿيٻي، ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط جعفر جو قاتل گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جوابدار پنهنجو تعلق ايم ڪيو ايم سان ٻڌايو آهي پر ان حوالي پوليس وٽ ڪي به ثبوت ناهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام قادر ٿيٻي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط جعفر جَي قاتلن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هـُن چيو ته ٻنهي علمي شخصيتن کي قتل ڪندڙ جوابدار منصور لياقت آباد جي سرڪاري اسپتال ۾ ملازم آهي. پوليس چيف چيو ته جوابدار 1993ع ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي 3 ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. غلام قادر ٿيٻي چيو ته جوابدار رينجرز تي فائرنگ سميت ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي. ڪراچي پوليس جي سربراهه وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار پنهنجو تعلق ايم ڪيو ايم سان ٻڌايو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان پوليس وٽ ڪي به ثبوت ناهن. غلام قادر ٿيٻو چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج جي قتل ۾ ڪل 5 جوابدار ملوث آهن، جنهن مان هڪ محمد منصور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فهيم جبل پوري ۽ احتشام سميت 4 ڄڻا روپوش آهن. ڪراچي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي غلام قادر ٿيٻي چيو ته شهر اندر ٽارگيٽ ڪلنگ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هـُن چيو ته پوليس اڻ ٿڪ ڪوششن سبب ڪراچي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ گهٽ ٿي آهي. واضح رهي ته پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج کي گذريل سال 18 آڪٽوبر تي يونيورسٽي روڊ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي قاتلن جي گرفتاري تي سنڌ سرڪار پاران 50 لک رپين جو انعام رکيو ويو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *