لاهور مان گرفتار ڪيل داعش ڪمانڊر يوسف السلفي پاران آمريڪا ۾ رابطن ۽ فنڊ وٺڻ جو اعتراف

اسلام آباد (بيورو) لاهور ۾ گذريل مهيني گرفتار ٿيندڙ داش جي مبينا ڪمانڊر يوسف السلفي آمريڪا ۾ رابطن ۽ فنڊ ملڻ جو اعتراف ڪيو آهي يوسف السلفي پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ تنظيم کي هلائڻ ۽ شام ۾ ويڙهه لاءِ نوجوانن جي ڀرتي لاءِ ان کي رقم ملندي رهندي آهي ،پاڪستان ڄائو شامي يوسف السلفي ترڪي رستي پنج مهينا اڳ پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو هو ترڪ ي۾ پڪتو ويو هو پر اتان فرار ٿي پاڪستان پهچي ويا، سلفي کي آمريڪا مان فلڊ ملڻ وارو معاملو آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي هاڻوڪي اسلام آباد دوري دوران به اٿاريو ويو، آمريڪي سينٽرل ڪمان جي سربراهه جنرل لائيڊ آسٽن جي اسلام آباد دوري دوران به اهو معاملو اٿاريو ويو، سلفي پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪيو ته هو هڪ پاڪستاني امام مسجد سان ملي شام ۾ ويڙهه لاءِ نوجوانن کي ڀرتي ڪندو هو ۽ هر ڀرتي تي ان کي 600 ڊالر ملندا هئا اخبار مطابق آمريڪا دهشتگرد تنظيم داعش ۽ اسلامڪ  اسٽيٽ جي سرگرمين جي سخت مذمت ته ڪري ٿو پر انهن تنظيمن کي پنهنجي ملڪ مان فنڊن نه ٿو روڪرائي سگهي، آمريڪا کي هي تاثر ختم ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجن مفادن لاءِ ڄاڻايل گروپ کي رقم ڏئي رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو تنظيم خلاف عراق ۾ ته ڪارروائي ڪري ٿو پر شام ۾ نه ذريعن مطابق اهي به اطلاع آهن ته داعش بين ملڪن کان علاوه لبيا، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت جي شهرن کي شام ۾ ويڙهه لاءِ ڀرتيون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ مختلف شهرن ۾ ديوارن تي داعش جا پوسٽر به لڳايا ويا آهن، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامڪ اسٽيٽ سرگرم آهي ان تنظيم جون سرگرميون سنجيدگي سان نه روڪيو ته ملڪ کي هڪ نئين جنگ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، يوسف السلفي ۽ لاهور ۾ ان جي ساٿي امام مسجد جي گرفتاري تصديق ڪري ڇڏي آهي ته داعش پاڪستان ۾ پنهنجي جڙ مضبوط ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *