ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان نواب ڳوٺ ۾ پوليس مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ايس ايس پي ملير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نواب ڳوٺ ۾دهشتگردن جي موجودگي جي خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪي وئي ۽ آپريشن  ۾ 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ ڪمانڊوز حصو ورتو. هن چيو ته پوليس جون گاڏيون جيئن جي علائقي ۾پهتيون ته جوابدارن دستي بم سان حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. رائوانوار جو چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي جن جي قبضي مان دستي بم، ٽي ٽي پستول ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *