ڇا آسٽريلوي بالر بال ٽيمپرنگ ڪئي آهي

لنڊن ( اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ ويلز ۾ جاري ورلڊ ڪپ دوران آسٽريلوي اسپنر ايڊم زمپا جي هڪ شڪي ويڊيو منظرعام تي آئي آهي جنهن کان /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

پوءِ مٿس بال ٽيمپرنگ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.ڀارت خلاف آچر تي کيڏيل ان ميچ ۾ آسٽريلوي اسپنر ايڊم زمپا پنهنجي کيسي مان ڪجهه ڪڍي بال تي مليندي نظر آيو جنهن سينڊ پيپر گيٽ اسڪينڊل جي ياد تازي ڪري ڇڏي.
2018ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ ڪيمرون بين ڪرافٽ کي کيسي مان ڪجهه ڪڍي بال تي مليندي ڏٺو ويو هو جنهن کان پوءِ بال ٽيمپرنگ جو تڪرار شروع ٿيو هو.اُن وقت آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو اسمٿ بال ٽيمپرنگ جو الزام قبول ڪيو هو جنهن کان پوءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ اسمٿ ۽ سندس نائب ڊيوڊ وارنر تي هڪ، هڪ سال جي پابندي لاڳو ڪئي هئي جڏهن ته بين ڪرافٽ تي 9 مهينن جي پابندي مڙهي وئي هئي. آسٽريليا جي ورلڊ جي شروعاتي ٻن ميچن ۾ چار وڪيٽون حاصل ڪندڙ ايڊم زمپا ڀارت خلاف ميچ ۾ شروع کان ئي بي اثر رهيو ۽ ميچ ۾ هن 6 اوورن ۾ 50 رنسون ڏنيون ۽ وڪيٽ نه وٺي سگهيو.هاڻ ڏسون ٿا ايڊم زمپا جي ان حرڪت خلاف ڪو به ايڪشن کنيو ٿو وڃي يا نه ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ ورلڊ ڪپ دوران آسٽريلوي اسپنر وڏي مشڪل ۾ ڦاسي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *