آءِ سي سي ڪمينٽيٽرن کي امپائرن مٿان تنقيد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ ڪمنٽيٽرن کي امپائرن جي غلطين تي تبصرن ۾ هٿ هلڪو /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 08

رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع دوران ڪمنٽيٽرن کان غير معمولي درخواست ڪئي آهي ته ۽ چيو آهي ته ايونٽ دوران امپارن تي هٿ هلڪو رکو. انگلينڊ ۾ جاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ جون ڪيئي غلطيون سامهون آيون، جن تي ڪمنٽيٽرن کين تنقيد جو نشانو بڻايو. آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي ميچ ۾ 4 ريويوز صحيح ثابت ٿيا، ويسٽ انڊيز 4 ڀيرا امپائرن جي فيصلن کي غلط ثابت ڪيو، ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ جي معيار تي ڪيئي سوال اٿاريا پيا وڃن. آءِ سي سي براڊ ڪاسٽرن کي اي ميل ذريعي ڪمنٽيٽرز کي امپائرن تي تنقيد جو نشانو به بڻائڻ جو چيو آهي. آءِ سي سي جي اي ميل بعد ڪيترن ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ موجوده ڪمنٽيٽرن آءِ سي سي جي هدايت تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب ڪيترن ئي ڪمنٽيٽرن آءِ سي سي جي ڊڪٽيشن تي اعتراض ڪيو ته آءِ سي سي کي ٻيهر اي ميل ڪرڻي پئي ۽ چيو ويو ته جائز تنقيد ضرور ڪيو پر ان ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏيو. مائيڪل هولڊنگ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ امپائرنگ تي اعتراض واريا هئا، ميچ دوران مچل اسٽارڪ جي نو بال امپائر نه ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *