ڪو به وزير پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪري: عمران خان جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل وزير سان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ روڪي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ عمران خان زرتاج گل وزير سان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب زرتاج وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ لاءِ هٿ مٿي ڪيو ته وزيراعظم کيس ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو ته زرتاج گل اوهان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ هدايت پڻ ڪئي ته وزير اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اضافي حج ڪوٽا مان 40 سيڪڙو نجي ٽور آپريٽرز کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته عيد جي موڪلن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. واضح رهي ته موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير  زرتاج گل وزير پنهنجي ڀيڻ جي مقرري لاءِ نيڪٽا کي خط لکيو هو ۽ اهو معاملو ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس ورتو هو. وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس وٺڻ کان پوءِ زرتاج گل وزير پنهنجي ڀيڻ شبنم گل جي مقرري لاءِ نيڪٽا کي لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *