چين جو صدر شي جن پنگ پاڪستان جو ٻن ڏينهن وارو تاريخي دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) چين جو صدر شي جن پنگ پاڪستان جو ٻن ڏينهن وارو تاريخي دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو، معزز مهمان کي صدر، وزيراعظم ۽ ٻين اهم شخصيتن الوداع ڪيو جڏهن ته چيني صدر جي جهاز کي جــَي ايف سيونٽين ٿنڊر جهازن سان يادگار رخصت ڪيو ويو. صدر ممنون حسين ايوان صدر مان چيني صدر شي جن پنگ کي خوشگوار ماحول ۾ الوادع ڪيو. نور خان ايئر بيس تان وزيراعظم نواز شريف، خاتون اول ڪلثوم نواز، وفاقي وزيرن سميت هٿياربند فوجن جي  سربراهن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيني صدر کي الوداع ڪيو. جــَي ايف سيونٽين ٿنڊر جهازن، شاندار آجيان وانگر معزز مهمان کي يادگار نموني رخصت به ڪيو. الوداع ٿيڻ کان اڳ صدر ممنون حسين سان چين جي صدر شي جن پنگ ون ٽو ون ملاقات ڪئي جنهن بعد وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون. صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي جي تقدير بدلائي ڇڏيندو. هن چيو ته سندن خواهش آهي ته اقتصادي راهداري سان ڳنڍيل سمورن منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ٿئي. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي پاڪستان لاءِ وڏي حيثيت رکي ٿي، چيني شهرين جي سڪيورٽي پاڪ فوج جي اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *