چين جي سلامتي کي پاڪستان جي سلامتي سمجهون ٿا:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته چين جي سڪيورٽي پاڪستان جي سڪيورٽي آهي، دهشتگردي جي خطرن کي ٻئي ملڪ گڏجي منهن ڏيندا، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان نه پرف چئني صوبن پر گلگت ۽ آزاد ڪشمير کي به فائدو ٿيندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته چيني صدر جو پارليامينٽ کي خطاب ايوان ۽ ملڪي عوام لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. هن چيو ته چيني صدر شي چن پنگ نه صرف پنهنجي ملڪ پر پاڪستان ۾ به انتهائي مقبول آهي، سندس دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان  ۽ چين حقيقي معنائن ۾ بردار ملڪ آهن، چيني عوام ۽ پاڪستان عوام جون دليون ڳنڍيل آهن. نواز شريف چيو ته پاڪ-چين دوستي آزمائش جي هر وقت ۾ پوري لٿي آهي، امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چين جي سڪيورٽي پاڪستان جي سڪيورٽي آهي، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي هر خطرن کي گڏجي منهن ڏيندا. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيني صدر کي علامه اقبال جو شعر پڻ پڙهي ٻڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *