چين جي صدر شي جن پنگ کي اعليٰ ترين سول اعزاز ”نشان پاڪستان“ سان نوازيو ويو

اسلام آباد (بيورو) چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز ”نشان پاڪستان“ سان نوازيو ويو. پارليامينٽ ۾ خطاب کانپوءِ چيني صدر کي شاهي سواري بگهي ذريعي ايوان صدر آندو ويو جتي وفدن جي سطح تي ملاقات پڻ ٿي. بعد ۾ چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز ”نشان پاڪستان“ ڏيڻ جي تقريب  منعقد ڪئي وئي. تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌنيون وڄايون ويون. صدر ممنون حسين، چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان نوازيو. تقريب ۾ وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزير، جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون. ان کان اڳ چيني صدر شي جن پنگ جي مان ۾ صدر ممنون حسين ايوان صدر ۾ مانجهاندو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *