چئن سالن تان وفاق ڪجھه نه ڪيو، هاڻ کين سنڌ ياد آئي آهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (اين اين آءِ) پ پ پارليامينٽريز جي مرڪزي اطلاعات واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وزيراعظم کي چئن سالن کان علم نه هو ته سنڌ حڪومت ڪم نه ڪري رهي آهي ڪرڪيٽ کٽي ورتي ته ائين لڳي رهيو آهي ته ايٽم بم بڻائي ڇڏيو. سول اسپتال حيدرآباد ۾ هڙتال وارن ڊاڪٽرن سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته ڳالهه مڃڻ تي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جو ٿورائتو آهيان انهن جي وفد جي وڏي وزير سان ملاقات جي ڪوشش سان انهن جا مطالبا مڃرائڻ لاءِ پاڻ ڳالهه ٻولهه به ڪندس هن وزيراعظم جي ٺٽي واري دوري تي چيو ته سيوهڻ جي ويجهو هجڻ باوجود وزيراعظم مزار تي نه ويو ان کي اقتدار جي آخري سال سنڌ ياد آئي آهي. مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته ميان صاحب جا ڊراما هاڻي نه هلندا، سڄو مال لاهور جي لاءِ ۽ اسان جي لاءِ صرف آسرا، اسان کي آسري ۾ نه رکيو وڃي ، سنڌ وارا ڊرامن کي سمجهن ٿا. هن چيو ته جمهوري نظام سان عشق آهي، ن ليگ سان محبت نه آهي، جيڪا تعصب سان ڀريل آهي، هن چيو ته مخدوم خاندان پ پ جو حصو آهي، هن مشڪل حالتن ۾ به پ پ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته ڪو کٽي يا نه عدالت کي کٽڻ گهرجي، پاناما ۾ سڀ ٿي ويو هاڻي اسان جي جان ڇڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *