عمران خان جو ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي سوشل بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گذريل ڏينهن مراد سعيد سان پارليامينٽ جي لابي ۾ ٿيندڙ جھيڙي جي واقعي کان پوءِ (ن) ليگي اڳواڻ جاويد لطيف جي سوشل بائيڪات جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيت ۾ چيو ته تحريڪ انصاف جو ڪو به ميمبر ڪنهن به اهڙي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪري جنهن ۾ جاويد لطيف کي گھرايو وڃي. تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مهذب معاهشري ۾ جاويد لطيف ايئن ڪري ها ته ان تي هر قسم جي عوامي پروگرامن ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي وڃي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *