پارليامينٽ جي لابيءَ ۾ ميمبرن جي جھيڙي تي شرمندگي آهي: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ٻاهر ٿيندڙ واقعي تي شرمنده آهي ۽ اسان کي پارليامينٽ پنهنجا رويا جمهوري ۽ برداشت وارا بڻائڻا پوندا، اسلام آباد ۾ جمهوريت جي راهه ۾ قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي يادگار جي افتتاحي تقريب  ٿي، جنهن جو افتتاح سينيٽ چيئرمين ميان رضا ربانيءَ ۽ سردار اياز صادق ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق جو چوڻ هو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوريت جي شهيدن جي يادگار بڻي آهي، ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين جي ڪاوشن کي ساراهيان ٿيو، رضا رباني جي جمهوريت جي لاءِ قربانيون مون کان وڌيڪ آهن، گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي ٻاهر ٿيندڙ واقعي تي شرمندگي آهي، اهڙا واقعا جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙن کي فائدو پهچائي رهيا اهن، اسان کي پارليا مينٽ ۾ پنهنجا رويا جمهوري ۽ برداشت وارا بڻائڻا پوندا. 2013ع ۾ پڪو پَهه ڪيو هو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هر ڪوشش ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *