پيمرا جو مريم نواز جي پريس ڪانفرنس تي نوٽيس، لائيو نشر ڪندڙ ٽي وي چينلن کي نوٽيس جاري

ملتان/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته مريم نواز عدليه ۽ رياستي ادارن جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن کي نشر ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. تفصيل موجب پيمرا مريم نواز جي پريس ڪانفرنس جو نوٽيس وٺندي ان کي لائيو ڪندڙ ٽي وي چينلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز جي عدليه، رياستي ادارن جي خلاف پريس ڪانفرنس لائيو ڏيکاري وئي. پيمرا طرفان جاري ٿيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي پريس ڪانفرنس کي ٽي وي تي نشر ڪرڻ پيمرا قانون جي ڀڃڪڙي آهي.  ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مريم نواز کي منڊي بهاو الدين ۾ جلسي کان ناهي روڪيو ويو. تفصيل موجب ملتان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مريم نواز کي منڊي بهاو الدين ۾ جلسي کان ناهي روڪيو ويو، کيس سيڪرورٽي سبب تي جلسي جي جاءِ تبديل ڪرڻ جو چيو ويو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته جنهن ويڊيو جو ذڪر ٿي رهيو آهي جج صاحب ان جي نفي ڪري ڇڏي آهي، پر ويڊيو جي فرانزڪ ٿي ويندي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *